ثانيه مرزا تنقيد جو نشانو ڇو بڻجي رهي آهي؟

0
466

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا چيو آهي ته کيس ٽينس کيڏڻ تي مختلف سببن جي ڪري تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سمير ڪوچر جي ويب شو ۾ ثانيه مرزا ٽينس کيڏڻ بابت ماڻهن جي خيالن تي ڳالهائيندي چيو ته، اوهان کي خبر آهي ته مان ٽينس کيڏندي آهيان، مان حيدرآباد مان آهيان، هڪ وچولي مسلمان گهراڻي سان واسطو رکندي آهيان. ثانيه مرزا ٻڌايو ته هتي مون لاءِ چيو ويندو آهي ته مان روايتن جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهيان.