سڊني(اسپورٽس نيوز) مشهور ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کي ڪيريئر جي آخري ميچ ۾ شڪست نصيب ٿي، ٽينس اسٽار ٽينس ڇڏڻ تي روئي ويٺي. آسٽريلين اوپن 2023ع جي مڪسڊ ڊبلز فائنل ۾ ثانيا مرزا ۽ روهن ڀوپنا کي برازيل جي جوڙي فائنل ۾ 7-6 ۽ 6-2 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي. ثانيا مرزا جڏهن رنر اپ ٽرافي وٺڻ پهتي ته اتي موجود سڀ ماڻهو سندس اعزاز ۾ اٿي بيهي رهيا، ثانيا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هن روئي ڏنو، اتي موجود ماڻهن تاڙيون وڄائي هن جو حوصلو وڌايو. ثانيا مرزا پنهنجي سفر کي ياد ڪيو ۽ چيو ته منهنجو ڪيريئر 2005ع ۾ ميلبورن کان شروع ٿيو هو، تڏهن مان 18 سالن جي هيس ۽ سرينا وليمز خلاف کيڏيس، هن چيو ته مان ڪڏهن به نه سوچيو هو ته مان پنهنجي پٽ اڳيان گرينڊ سلم کيڏندس، ثانيا مرزا ڪيريئر ۾ 3 ويمنز ڊبلز ۽ 3 مسڪڊ ڊبلز گرينڊ سلم کٽيا آهن.