اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته  اڳوڻو جنرل فيض حميد ۽ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار هن وقت به عمران خان لاءِ لابنگ ڪري رهيا آھن،  ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ادارا فوري طور تي نوٽيس وٺن، کين لغام ڏنو وڃي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته  سياسي صورتحال جي جيڪا تصوير پيش ڪئي پئي وڃي اسان جي نظر ۾ حالتون ان کان بلڪل مختلف آھن، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آھي، سياسي پارٽي طور چونڊن کان انڪار نه آھي نه ئي نگران حڪومتن کي اڻ اعلانيل مدت تائين حڪومت ۾ رکڻ جي خواهش  آھي، رياست کي درپيش مسئلن کي ڏسڻو آھي ٻه اسيمبليون هن وقت موجود نه آھن، انهن جي چونڊ جو شيڊيول ڏيڻ جو به اختيار ڪنهن هڪ وٽ نه آھي، آدمشماري ٿي رهي آھي، هن وقت انهن صوبن ۾ چونڊ ٿيندي ته پراڻي آدمشماري جي انگ اکرن تي ٿيندي، ان سان ڪنهن جو ڪيترو حق ماريو ويندو،  جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ باقي ٻن صوبن ۾ نئين آدمشماري تي چونڊ ٿيندي. ان ڳالھه تي حيرت ۽ تعجب آھي ته سپريم ڪورٽ چونڊ شيڊيول نه جاري نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، جڏهن 2018 جي چونڊن خلاف اسان هتي احتجاج ڪيو 15 لک ماڻهن جو آواز نه ٻڌو ويو،  پر هن وٽ چار ماڻهو ويا ته پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو هي ڪهڙا ڪن آھن جو ٻه ماڻهو اچن ته کين ٻڌو وڃي ٿو ۽ 90 ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. فضل الرحمان چيو ته عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ رياست کي ڪٿي پهچائي ويو آھي، آءِ ايم ايف اسان جي بجيٽ تيار ڪري رهيو آھي، شين جون قيمتون مقرر ڪري رهيو آھي، غريب ماڻهن کي حڪومت ماني فراهم نٿي ڪري سگهي ۽ ان صورتحال ۾ تقاضا ڪئي پئي وڃي ته 80 ارب چونڊ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيون.  هن چيو ته اسان جنهن علائقي سان تعلق رکون ٿا مون جهڙا ماڻهو چونڊ مهم ۾ نه وڃي سگهندا ڏسڻو پوندو ته فوج ۽ پوليس سڪيورٽي فراهم ڪري سگهي ٿي، عدليه تي حيرت آھي ته اها پاڻمرادو نوٽيس وٺي آجي ٿي وئي، اسيمليون ڇا وڏن وزيرن پاڻ ٽوڙيون يا هڪ ليڊر جي چوڻ تي ٽوڙيون ويون انهن حقيقتن کي به سامهون رکڻو پوندو،ثاقب نثار ۽ فيض حميد  کي ڪو حق نه آھي جو پاڪستان جي سياست ۾ وقت کان اڳ دخل اندازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺندا سين يا نه ان بابت اڃان فيصلو ٿيڻو آھي.