شيخوپوره (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته ثاقب نثار عمران کان صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ واپس وٺي ڇڏيو، 72 ورهين جو شخص چوري ڪري سگهي ٿو ته جيل ڇو نه ٿو وڃي سگهي؟ شيخوپوره ۾ نواز ليگ جي تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نوازشريف چيو هو ته پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيان ٿو، ڪو رهجي ته نه ويو آهي جنهن نوازشريف خلاف سازش ڪئي هجي ۽ ذلت ۽ خواري کان بچي ويو هجي؟ توشا خانه چور چوري ناهي ڪئي ته تلاشي ڇو نه ٿو ڏئي، هي نوازشريف کي چوندو هو ته تلاشي ڏيو، نوازشريف نه رڳو پنهنجي پر پنهنجي ڌي ۽ خاندان جي به تلاشي ڏني. هن چيو ته عمران آف شور ڪمپني لڪائي، پرڏيهي فنڊنگ لڪائي، توشا خانه جا تحفا کپائي اربين رپيا لڪايا، ايتري قدر جو پنهنجي ڌي به لڪائي، نوازشريف فخر سان چئي سگهي ٿو ته مريم نواز منهنجي ڌي آهي، ڇا عمران خان قوم سان نظرون ملائي چئي سگهي ٿو ته ٽيرين منهنجي ڌي آهي. هن چيو ته جڏهن کان ڪيس شروع ٿيا آهن، عمران گهر کان ٻاهر نه ٿو نڪري، قوم کي ڀاشن ڏيندو آهي ته خوف جا بُت ٽوڙيو، پاڻ زمان پارڪ ۾ کٽ هيٺان لڪي ويٺو آهي، ڪڏهن چوي ٿو ته معذور آهيان ۽ ڪڏهن چوي ٿو پوڙهو آهيان، ڇا نوازشريف ڪڏهن بيماري يا عمر جي آڙ وٺي لڪو آهي؟ جيڪڏهن 72 ورهين جو شخص چوري ڪري سگهي ٿو ته جيل به وڃي سگهي ٿو. عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيندو تڏهن به ڦاسندو ۽ جيڪڏهن پيش نه ٿيندو ته به ڦاسندو، جيڪو پنهنجي ڌي کي تسليم نه ٿو ڪري، ان تي لعنت هجي، هن چيو ته پاڻ کي بابا رحمتي چوندڙ قوم لاءِ بابا زحمت بڻجي ويو، ڪالهه سازش جي مرڪزي ڪردار به سچ ڳالهايو، ثاقب نثار چوي ٿو ته عمران کي صادق ۽ امين جو پورو سرٽفيڪٽ نه ڏنو هو، ڇا صادق ۽ امين جو اڌ سرٽيفڪيٽ به هوندو آهي؟ ثاقب نثار صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، نوازشريف خلاف سازش جو سڀ اعتراف ڪري رهيا آهن، نواز ليگ جي قيادت کي ڳولي ڳولي نشانو بڻايو ويو، جنرل باجوه جي نوڪري تائين چوندو هو اهڙو جنرل ناهي آيو، جنرل باجوه جي رٽائر ٿيندي ئي چوڻ لڳو ته باجوه جو ڪورٽ مارشل ڪيو، جڏهن پاڻ اقتدار ۾ هو ته ڇو ڪورٽ مارشل نه ڪيو؟ مريم نواز چيو ته هن جا ڪيس اقامي يا پگهار نه وٺڻ وارا ناهن،  بوزدار کي اسان تي مڙهيو ويو، معيشت تباهه ڪندڙ معيشت بحالي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، عمران خان جي عدليا بچايو ريلي جي حوالي سان مريم نواز چيو ته هي عدليا بچايو ريلي ڪڍي رهيا آهن، اصل ۾ هي عدليا بچايو ريلي نه پر عدليا کان بچايو ريلي آهي، ان وقت عدليا بچايو ريلي ڪٿي هئي جڏهن توهان جج زيبا کي چيو آئون توکي نه ڇڏيندس، ان وقت عدليا بچايو ريلي ڪٿي هئي، جڏهن عدليا چيو توهان آئين ٽوڙيو آهي، جنهن وقت پرويز الاهي کُلي عام بينچ فڪسنگ ڪري رهيو هو، ان وقت عدليا جو خيال نه آيو، توهان عدليا جو فڪر ڇڏيو، 22 ڪروڙ عوام عدليا جي فڪر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، پهرين احتساب ٿيندو پوءِ اليڪشن ٿيندي، پهرين تارازو جا ٻئي پلڙا برابر ڪيا وڃن پوءِ اليڪشن ٿيندي.