لاهور: مريم نواز انڪشاف ڪيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي ناڪاري فيصلن سبب اڪيلائي جو  شڪار ٿي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي ويجهن دوستن جي جنازن ۾ به وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته هڪ فوتگي تي ثاقب نثار جي گهرواري ملي، اها نيڪ عورت آهي، ان لاءِ مون وٽ وڏي عزت آهي،  ان ٻڌايو ته فوت ٿيل شخص ثاقب نثار جو سٺو دوست هو، ان جي فاتحه لاءِ آئون آئي آهيان، ڇاڪاڻ اوهان کي ته خبر آهي نه ته هو پاڻ نٿو اچي سگهي، مريم نواز چيو ته جيڪڏهن توهان اهڙا فيصلا ڏيندا ته پوءِ ايئن ٿيندو.