ثاقب نثار جي مبينا آڊيو: اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان فارنزڪ ايجنسي جا نالا طلب

0
162
وفاقي سرڪار طرفان کنڀيل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کي آڊيو ڪلپ جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران مبينا آڊيو جي فارنزڪ تجزيو ڪرائڻ جي آڇ ڪندي اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان پرڏيهي فارنزڪ ايجنسين جا نالا طلب ڪري ورتا، چيف جسٽس اطهر من الله سنڌهاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر صلاح الدين احمد جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوريجنل آڊيو ڪلپ جي خبر ناهي ته اها ڪٿي موجود آهي؟

درخواستگذار وڪيل صلاح الدين احمد چيو ته ان بابت اسان کي ڪا ڄاڻ نه آهي، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي مبينا آڊيو ڳالهه ٻولهه جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته اها صحيح آهي يا غلط، اسان جي استدعا آهي ته معاملي جي انڪوائري لاءِ هڪ آزاد ڪميشن جوڙي وڃي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته سموريون ٻڌڻي هيٺ آهن، جن جون اپيلون آهن انهن انڪوائري جو مطالبو نه ڪيو جڏهن ته اوهان جي پٽيشن ۾ الزام آهي ته هن عدالت جي بئنچز ڪنهن دٻاءَ ۾ ٺاهيون ويون، صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته ان جي پٽيشن ۾ اهو الزام ناهي، اهو الزام رانا شمي جي حلف نامي ۾ لڳايو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته تاريخ واقعي تخلخ آهي، ججز ماضي ۾ شين کي تسليم ڪيو، هتي معاملو مختلف آهي، ڇا ڪورٽ ڪمپرومائزڊ هئي ۽ بئنچز پريشر ۾ ٺاهيون ويون هيون؟ ان بابت ڪو ننڍو ثبوت به آهي ؟ هن چيو ته جڏهن اوهان چئو ته ته انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته اهي بئنچ ۾ شامل ججز جي هوندي، بئنچز ۾ شامل ججز جي آرڊر مان ڪٿي ائين ثابت ٿيندو آهي؟ آرڊر تو ان جي خلاف آيو

 درخواستگذار چيو ته منهنجي پٽيشن ۾ بنيادي استدعا ثاقب نٿار جي آڊيو ڪلپ جي انڪوائري بابت آهي، ان ۾ اهو ناهي چيو ويو ته ٻئي طرف اهي ڪنهن جج سان ڳالهه ڪري رهيا آهن، ٻيا حوال سمجهائڻ لاءِ پٽيشن ۾ شامل ڪيا، هن چيو ته اڃا اهو مرحلو ناهي ته اسان ڪنهن کي ڏوهي قرار يا بي ڏهي قرار ڏيون، اها ڳالهه وقت کان اڳ هوندي، اهي شيون انڪوائري دوران ڏيکاريون وينديون، صحافي احمد نوراني فيڪٽ فوڪس تي ثاقب نثار جي آڊيو ڪلپ جي حوالي سان اسٽوري ڪئي، آڊيو ڪلپ جي فارنزڪ رپورٽ موجب ان کي ايڊٽ نه ڪيو ويو. صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته فارنزڪ رپورٽ پڙهي ڪري ٻڌائي ۽ عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ته اها رپورٽ انٽرنيٽ تان حاصل ڪئي، هن چيو ته آڊيو ڪلپ جي ڪاپي سمورن چئنلز وٽ آهي، جن آڊيو هلائڻ جي رسڪ کنئي،  چئنلز ان کي سنجيدگي سان وٺي ڪري توهين عدالت جي ڪارروائي جي خدشي باوجود آڊيو ڪلپ هلائي

 جسٽس اطهر من الله چيو ته انٽرنيٽ تي ته گهڻيون شيون اينديون آهن، سڀاڻي ٻڌڻي هيٺ ڪيسز ۾ وڌيڪ پٽيشنز اينديون ته اهي آڊيو آهن ان جي انڪوائري ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اڃا جنهن فارنزڪ ايجنسي جي رپورٽ تي اوهان ٻڌائي رهيا آهيو اها انٽرنيٽ تان حاصل ڪئي وئي، رپورٽ تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي،پاڪستان بار ڪائونسل ۽ اٽارني جنرل فارنزڪ ايجنسي جو نالو ٻڌائين ان باب رپورٽ وٺون ٿا، جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آڊيو ڪلپ جي فارنزڪ ڪرائي ته ان جو خرچ ڪير برداشت ڪندو؟ صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته ان جو خرچ قانون واري وزارت کڻي سگهي ٿي جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ٽيلس ڏيندڙن جو پئسو ان تي ڇو خرچ ٿئي، اوهان ڪنهن به فارنزڪ ايجنسي جو نالو تجويز ڪيو جنهن سان ان آڊيو ڪلپ جي فارنزڪ ڪرائي وڃي، عدالت اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کي پرڏيهي فارنزڪ ايجنسين جا نالا طلب ڪري ورتا ۽ پٽيشنر کي آڊيو ڪلپ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 28جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي