لاهور (بيورورپورٽ) مسلم ليگ (نواز) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان اهو ئي آواز اچي رهيو آهي، جنهن جو فيصلو ڊسڪا جي عوام ڏنو. ثابت ٿي ويو ته ووٽ چوري سان عوام کي نواز شريف ۽ نواز ليگ کان پري نٿو ڪري سگهجي، ووٽ جي جنگ وڙهندڙن جو نالو جمهوري جدوجهد ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي، ترقي ۽ روشن آئندي جو کسيل سفر وري ان ئي جذبي سان شروع ڪنداسين، الله پاڪ کي منظور ٿيو ته لوڊشيڊنگ جيان قوم کي غربت مان به ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ڊسڪا جي چونڊ ۾ عوام ۽ انهن جو ووٽ کٽي ويو ووٽ چور سليڪٽڊ مافيا کي شڪست ملي، ڊسڪا جو عوام زنده باد، عوام ووٽ چوري، اٽو، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوائون چورن کان بدلو ورتو. ڊسڪا جي دلير عوام نوازشريف ۽ شهبازشريف جي عوامي خدمت ۽ حب الوطني تي ٺپو لڳائي ڇڏيو. عوام فيصلو ڏنو ته پاڪستان ۾ ووٽ چورن، پرزائيڊنگ آفيسرن کي اغوا ڪندڙن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، عوام فيصلو ڏنو ته سليڪٽڊ نيازي گهر وڃ. هن چيو ته معيشت، روزگار، اسٽيٽ بينڪ کي کائيندڙ کي قوم رد ڪري ڇڏيو، ڊسڪا جي عوام جي آندل تبديلي سڄي پاڪستان ۾ تبديلي جو وسيلو بڻجندي.