ڳڙهي خيرو: جلباڻي ڪٽوھر تڪرار ۾ مارجي ويل محمد بخش جلباڻي جي وارثن علي خان جلباڻي ۽ پيارل جلباڻي پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو تڪرار سان ڪو به واسطو نه ھو، ڪٽوھر برادري جي ھٿياربندن اسان کي صرف ذات جي بنياد تي ٽارگيٽ ڪيو، ھن چيو ته اسان پنھنجي گھرن ۾ ڪم ڪار ۾ مصروف ھئاسين ته 50 کان وڌيڪ ھٿياربندن ڳوٺ نور محمد جلباڻي تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ محمد بخش جلباڻي ۽ لاڙڪاڻي واسي مھمان ممتاز مارجي ويا. ھن چيو ته ھٿياربندن گھرن کي باهه ڏيڻ بعد مقتول محمد بخش جلباڻي جو لاش پڻ باهه ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيو.