تڪراري گانو ڪرڻ تي روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي کي نوٽيس، سوشل ميڊيا تي تصبرا

0
969
تڪراري گانو ڪرڻ تي روبي

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت فنڪاره روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي جي تڪراري گاني خلاف شھري جي پٽيشن ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي، 25 مئي تي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آھي

خبر موجب شھري مولانا حق نواز حيدري سکر سيشن ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل امداد علي ملڪ معرفت روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻيءَ جي تڪراري گاني “جھڙي ٿئي مست جواني” خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي

عدالت پٽيشن کي ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 25 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، پٽيشنر چيو آهي ته روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻيءَ جي گاني سنڌ جي ثقافتي ۽ مذھبي قدرن جي بيحرمتي ڪئي آهي. گاني ۾ غير اخلاقي سين ڏيکاريا ويا آهن

ڪو به خانداني ماڻهو پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اھڙا منظر نٿو ڏسي سگهي. پٽيشنر جي وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته پيمرا کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اھڙي قسم جي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي

ٻئي پاسي عدالت ۾ پٽيشن داخل ٿيڻ بعد روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٿي رھيا آھن، ڪي پٽيشنر جي حمايت ڪري رھيا آھن تھ ڪي وري صارف ارشاد جاگيراڻي ۽ روبي علي جي حمايت ڪري رھيا آھن