اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٽوئيٽر تي هلندڙ ڪنهن تڪراري ٽرينڊ جو هيش ٽيگ استعمال ڪرڻ ڪوئي ڏوهه ناهي، عدالت ايف آءِ اي پاران شهري خلاف داخل اهڙو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار شهري ڪاشف فريد جي ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي ۽ فيصلي ۾ چيو ته ڪنهن به ٽرينڊ ۾ رڳو ٽوئيٽ ڪرڻ سان ڏوهه نٿو بڻجي، ٽوئيٽ ڪندڙ پنهنجي لفظن ۾ جيستائين ڪجهه غلط نه هجي ته ڪيس نٿو ٺهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن شهري خلاف اهڙي ايف آءِ آر جو مقصد اظهار راءِ تي غيرقانوني سينسرشپ لڳائڻ آهي، ايف آءِ اي هي ڪيس داخل ڪري رياست جو مذاق بڻايو، فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽوئيٽر صارف هڪ هيش ٽيگ تي جبري گمشدگين جي خدشي جي ڳالهه ڪئي، شهري جو خدشو هو ته هن ٽرينڊ ۾ لکڻ تي قانون کان مٿانهين ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ايف آءِ اي حقيقت ۾ ان ڳالهه تي فوجداري ڪيس ٺاهيو اهو ناقابل تصور آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت اهڙن معاملن ۾ پوڻ بدران شهرين جي تحفظ جو فرض نڀائي، ڪيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.