تڪراري بل لاءِ ڪميٽي ۽ خورشيد شاهه جي شموليت

0
182
سنڌ کي اسلام آباد جي وائسراءِ ذريعي ھلائڻ جي سازش

 حقيقت ۾ ڪجهه پھاڪا چوڻيون حالتن مطابق صحيح ثابت ٿينديون آهن چوڻ جو مقصد ته سنڌ کي پنھنجن مان لڳي، چاھي ون يونٽ واري دور ۾ ايوب کھڙو جو ڪردار ھجي يا وري اڄ جي سوشل ميڊيا واري دور ۾ اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر رميش لال ھجي جيڪي سستي شھريت حاصل ڪرڻ يا وري ڳجھن هٿن ۾ کيڏندي ذاتي مفادن خاطر سنڌ کي ورھائڻ جھڙي ناپاڪ ارادن جي سوچ کڻي منظر عام تي اچي سنڌ جي تاريخ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر رميش لال ڪير آهي ان جي ماضي يا موجوده سياسي ڪردار جو مختصر تعارف هن ريت آهي ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي اقليتن جي مخصوص سيٽ تي پھريون ڀيرو ايم اين اي ٿي پارليامينٽ ۾ پھتو. نواز ليگ حڪومت جي پنج سالن جي اقتدار تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو جڏهن نواز شريف جي نااهلي جو مرحلو آيو ته ان شخص نواز ليگ کان موسمي پکي وانگر پر پکيڙڻ شروع ڪيا ۽ انھن لڪل ڳجھن هٿن ڪردارن جي اشاري تي عمران خان جي قيادت تي لبيڪ ڪندي پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي ويو. عمران خان توڙي سندس پارٽي کي ھڪ سرمائيدار اقليتي ملڻ تي خوشي محسوس ٿي ۽ کيس 2018 ع جي عام چونڊن ۾ کيس اقليتن جي مخصوص سيٽ تي ان وقت ايم اين اي ڪرايو جڏهن پي ٽي آئي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي آئي. ليڪن کين ان ڳالهه جو تدارڪ نه ھو ته ان قسم جا موقعي پرست اڳتي هلي وفاداري نڀائيندا يا وري وقت اچڻ تي سياسي لوٽو بنجڻ کي ترجيح ڏيندا. ھتي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ڪنھن جي ڪردار ڪشي يا تنقيد جو ناھي پر جڏهن ان قسم جھڙا سياسي ڪردار  سنڌ کي ورھائڻ لاءِوڌيڪ صوبن جي قيام لاءِ اڪيلي سر نروار ٿي سستي شھريت حاصل ڪرڻ لاءِ سامھون ايندا ته پوءِ اھڙن ڪردارن تي ڳالھائڻ سان گڏوگڏ لکي به سگھجي ٿو ۽ ماضي جي ڪردار کي عوام جي آڏو وائکو ڪري سگھجي ٿو ته اهڙا   ڪردار موجود آهن جن مان ڪنھن به قسم جي توقع رکي سگهجي ٿي.  تازو 30 نومبر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي پارليامينٽرين سان گڏ سنڌ دشمن قوتن کي آگاھي ڏئي ڇڏي ته پي ٽي آئي سان تعلق رکندڙ اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر رميش لال آئين جي آرٽيڪل 106/ 53/ 93/ 25 بي ۾ ترميم ڪندي بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾جمع ڪرائي ڇڏيو ھو ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام لاءِ صوبن کان اختيار واپس وٺي وفاق کي ڏنا وڃن. ڊاڪٽر رميش لال جي اھڙي بل تي وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ به ٻه قدم اڳتي وڌندي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ کيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ميمبرن ۾ بلوچستان مان خالد مگسي ، ايم ڪيو ايم جي شبير قائمخاني ، نواز ليگ جي جاويد عباسي ، پي ٽي آئي جي وفاداري تبديل ڪندڙ نزھت پٺاڻ ، ايم اين اي نويد جيوارا ۽ ان بل جي خالق ڊاڪٽر رميش لال کي شامل ڪيو ويو آهي. ھاڻي پاڻ ان بل جي خالق جي نيڪ نيتي جو جائزو وٺڻ کان پھرين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي حوالي سان ڏسون ٿا  گھرجي ته  اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان بل جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ مرادو ڪميٽي جوڙي ميمبرن جو تعين ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي  يا وري کيس اعتماد ۾وٺڻ کان پوءِ اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ھتي ان حوالي سان هڪ نه پر ٻه سوال پيدا ٿين ٿا ھڪ ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي رول قاعدن مطابق ڪنھن به بل يا ڪميٽي جي قيام جي حوالي سان اسپيڪر کي پھرين اعتماد ۾وٺي  بعد ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ميمبرن کي آگاھي ڏني ويندي آهي ۽ چيئرمين جي چونڊ اسيمبلي جي رولز موجب اجلاس ۾ ميمبرن جي شرڪت وقت ڪئي ويندي آهي،

پوءِ چاهي ان ۾ لاڳاپيل ڪميٽي جي چيئرمين کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو وڃي يا وري باقاعده ميمبرن کان راءِ وٺي اڪثريت جي بنياد تي کيس ڪامياب قرار ڏنو وڃي. هن ڪميٽي جي قيام ۾ لڳي نه ٿو ته چيئرمين جي چونڊ ڪرائي وئي بلڪه اسيمبلي سيڪريٽريٽ پنھنجا اختيار استعمال ڪندي سيد خورشيد شاهه کي چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏھن اسيمبلي سيڪريٽريٽ يا اسپيڪر پاڻمرادو اھڙو فيصلو ڪندي سيد خورشيد شاهه کي چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي ته پھريون سوال پيدا ٿئي ٿو ته سيد خورشيد شاهه سان ڪنھن سياسي دشمني جي آڙ ۾ کانئس پلاند ورتو ويو آهي يا وري کيس سياست جي اھڙي موڙ تي اچي بيھاري ڇڏيو آهي جنھن ۾ سندس سڄي سياسي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي، ان جي وضاحت سيد خورشيد شاهه پاڻ ڪندو ته کيس اعتماد ۾ورتو ويو ھو يا نه. ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڌيڪ صوبي جي قيام واري تڪراري منصوبي جي حوالي سان  ڄاڻ رکڻ  باوجود ان کي ايڏو اھم ڪيئن محسوس ڪندي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. لڳي نه ٿو ته ھن پارٽي قيادت کان ان تي مشاورت ڪئي ھوندي جيڪڏهن پارٽي قيادت سان مشاورت ڪئي وئي ھوندي ته پوءِ پارٽي قيادت کيس ان قسم جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهي، ڇو ته پيپلزپارٽي جو بنيادي ووٽ سنڌ ۾ آھي. مسلسل 14 سالن کان سنڌ جو عوام کين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري صوبي جي قيادت سندن حوالي ڪري ڇڏي ٿو چار دفعا کان وڌيڪ وفاق ۾ حڪومت ڏيارڻ ۾ به کين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو پر جيڪڏهن اسپيڪر راجا پرويز اشرف پارٽي قيادت سان مشاورت ڪرڻ جي بغير بل جي قيام تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي ته ساڳيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته راجا پرويز اشرف ايڏي وڏي عھدي تي رھندي ان قسم جي تڪراري معاملي کي ڪيئن کولي پيپلزپارٽي جي لاءِ سنڌ ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

نه صرف اھو بلڪه کيس ان قسم جي ڄاڻ ھوندي ته نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي چار ڏينهن کان پوءِ 4 ڊسمبر تي سنڌ جو عوام پنھنجو ثقافتي ڏهاڙو ملھائيندو جيڪو نه صرف سنڌ بلڪه ملڪ توڙي پرڏيھه ۾ رھندڙ سنڌي عيد جي خوشين وانگر ڀرپور طريقي سان ملهائيندا آهن جنھن جون تياريون پھرين ڊسمبر کان پھرين شروع ٿي ويون ھيون ٻيو ته راجا پرويز اشرف جو جنم ڀومي سانگهڙ ضلعو ۽ سندس تعليم حيدرآباد ڪاليج ۽ پيٽارو ڪاليج جي آھي جيڪو چڱي طرح سنڌ جي عوام جي سوچ جذبن ۽ سياسي شعور کي سمجھي ٿو. سنڌ جو عوام ڪڏهن به نه چاھيندو ته سنڌ  ڌرتي جي خلاف سازش ڪندڙن کي قبول ڪري باقي جيڪڏهن راجا پرويز اشرف به لڪل ھٿن ۾ کيڏندي پيپلزپارٽي کي جي قيادت کي ايڏي وڏي امتحان ۾ وجھي ڇڏيو آهي ته ان بابت پارٽي قيادت کي سوچڻ کپندو ته جنھن شخص کي وزيراعظم جي عھدي تي ويهارڻ سان گڏ اسپيڪر جو عھدو ڏياريو اھو شخص ان قسم جي تڪراري معاملي کي ڪيئن ڇيڙي ڇڏيو آهي. بھرحال پاڻ ذڪر ڊاڪٽر رميش لال جي پاران پاڻمرادو جمع ڪرايل تڪراري بل جو پئي ڪيو ته لازمي طور تي ڊاڪٽر رميش لال به ان قسم جي تڪراري بل کي جمع ڪرائڻ کان پھرين ضرور سوچيو ھوندو ته سندس ان قسم جي فيصلي سان  ايم ڪيو ايم جھڙي جماعت جي موقف کي وڌيڪ هٿي ملندي  ڇو ته ايم ڪيو ايم پھرين ڏينھن کان سنڌ ۾ نه صرف الڳ صوبي جي قيام واري مطالبي تي قائم آھي بلڪه جڏهن به وفاق يا صوبي ۾ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي آهي ته  سندن پھريون مطالبو الڳ صوبي جو قيام۽ ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص سميت وڏا شھر سندن حوالي ڪرڻ هوندو آهي. ڪجھه ڏينهن پھرين سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي وقار مھدي کي اڪثريت جي باوجود بنامقابلي ڪامياب قرار ڏيارڻ لاءِ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جو عھدو ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کان پھرين سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه سنڌ اسيمبليءَ مان بلدياتي ادارن جي اختيارن جي حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪندي اعلان ڪندو هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪنھن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، بلدياتي ادارن جي نمائندن کي ڪھڙا اختيار ڏنا ويندا ڪھڙا نه ان جو فيصلو سنڌ حڪومت ڪندي، ليڪن وفاق ۾ شھباز شريف حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جو عھدو ھجي يا ٻيا اختيار ھجن کين ڏيڻا پئجي ويا،باقي به بلدياتي قانون ۾ اڳتي ھلي ترميمون ڪيون وينديون. جيستائين ڊاڪٽر رميش لال جو معاملو  آهي ته  ڏسڻو اهو پوندو ته مستقبل ۾ ھو ڪھڙي سياسي پارٽي ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ کيس ڪھڙي سياسي پارٽي جي قيادت قبول ڪندي. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته نواز ليگ کي ڇڏي چڪو آهي پي ٽي آئي سان جيڪا وفا ڪيائين ان کان پوءِ ان پارٽي ۾ سندس دروازو بند ٿي ويا باقي آھي پيپلزپارٽي جنھن سان ڪافي ويجھڙائپ رکيو اچي پيو، جنھن ۾ ان ڳالهه جا امڪان پنھنجي جاءِ تي موجود آھن ته مستقبل ۾ عام چونڊن کان پھرين ان جماعت ۾ شامل ٿئي، ٻي صورت ۾ سنڌ مان ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ايم ڪيو ايم کي به ان قسم جي سرمائيدار اقليتي ميمبر جي ضرورت ٿي سگهي ٿي ۽ آخري پارٽي جي يو آئي( ف) ھونديس ڇو ته مولانا فضل الرحمان کي به سياسي سيڙپڪاري لاءِ ان قسم جا سرمائيدار گھرجن. 2002ع کان وٺي ھن وقت تائين قومي اسيمبلي ھجي يا صوبائي اسيمبليون ھجن انھن ۾ ويٺل اقليتي ميمبرن کي جنرل پرويز مشرف جو احسان مند ٿيڻ گھرجي جنھن آئين ۾ ترميم ڪرائيندي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن ۾ نه صرف اضافو ڪيو بلڪه عوام جي ووٽن بجاءِ کين مخصوص سيٽون ڏياري ويو. ڇو ته ماضي ۾ اقليتي ايم اين اي جي اميدوار جو حلقو پورو پاڪستان ۽ صوبائي اميدوار جو حلقو پورو صوبو ھوندو ھو. 2002ع کان پھرين راڻا چندر سنگهه ، ڪشنچند پارواڻي ، ايم پي ڀنڊار سميت اقليتن جون اھم شخصيتون چونڊجي اينديون هيون جن کي ووٽرن جي مسئلن جي ڄاڻ ھوندي ھئي، ليڪن جنرل پرويز مشرف اھڙن اقليتي ميمبرن لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي جيڪي سياسي پارٽين کي فنڊ جي نالي تي وڏيون رقمون ڏئي ٽڪيٽ حاصل ڪري ڇڏين ٿا. آئيني معاملن جي ڄاڻ نه ھوندي تڪراري بل جمع ڪرائي سستي شھريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ سياسي لوٽو بنجڻ ۾ دير نه ڪندا آھن.