اسلام آباد(بيورورپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا ٽماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 55 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها منظوري بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين يا ڊسڪوز جي درخواست تي ڏني وئي آهي. جيڪا پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي ۽ ٽن مهينن تائين لاڳو رهندي. ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائين صارفين کانسواءِ سمورن صارفين تي اهو فيصلو لاڳو ٿيندو.