اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته يقين ڏياريان ٿو ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ٿي سگهيو، اهو ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اسان بجيٽ ۾ ڪوبه ٽيڪس ناهي وڌايو، اسان غريب ماڻهن تي ٽيڪس جو بار ناهي وڌو، شوگر ملز تي ٽيڪس وڌايو آهي، اميرن تي ٽيڪس وڌائي رهيا آهيون، حڪومت غريبن کي سستي شيون ڏيندي، اميرن کان ٽيڪس وٺنداسين، مفتاح اسماعيل چيو ته منهنجي پنهنجي ڪمپني تي تقريبن 20، 25 ڪروڙ جو ٽيڪس وڌي ويندو، وزيراعظم شهبازشريف جي پٽ جي ڪمپني تي به ٽيڪس لڳايو آهي. هن چيو ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته چين کان به سومر تائين پئسا اچي ويندا. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ ھو ته عمران خان حڪومت پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ جي موڙ تي ڇڏي وئي، اسان کي 200 ارب رپين جو خسارو مليو، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائي پاڪستان کي ڏيوالپڻي مان بچايو آھي، عمران خان ٻڌائي ته پاڪستان کي سريلنڪا ڇو بڻائڻ وڃي رھيو ھو، اسان سڄي رات ويھي ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالھيون ڪندا آھيون ان جي ڪري پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. هن وڌيڪ چيو ته پهرئين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته پيٽرول جا اگهه وڌائڻ لازمي آهي، اهو فيصلو وزيراعظم لاءِ تمام ڏکيو هو، اسان هڪ هڪ شيءَ جا ذميوار آهيون، ڀلي اسان جي غلطي هجي يا نه هجي، اسان جي ذميواري آهي ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايون. مفتاح اسماعيل چيو ته مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي پر اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستاني رُپيو مستحڪم ٿيڻ لڳو آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ مشڪلاتن تي ضابطو آڻي وٺنداسين، ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽايا، هاڻي عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه ڏسي رهيا آهيون، يقين ڏياريان ٿو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي ته ملڪ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين اهو ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ بعد هي پهريان 15 ڏينهن آهن، جن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪوبه نقصان نه ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ نقصان ۾ پيٽروليم شيون وڪرو ڪري رهيا هئاسين.