اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽرول شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار اوگرا کان واپس وٺي نجي شعبي کي ڏيڻ جو وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو  آهي، ان حوالي سان اوگرا جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا ۽ تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين وچ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ يعني اوگرا جي دائري مان ڪڍي نجي شعبي کي قيمتن جي تعين جو اختيار ڏيڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت اوگرا چيئرمين ڪئي، ان حوالي سان تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين پنهنجو تفصيلي موقف پيش ڪيو، ٻئي مرحلي ۾ تيل ريفائنرين ۽ تيل صنعتن جي ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان اجلاس ڪيو ويندو، انهن جو به موقف سامهون اچڻ کانپوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ حتمي ٽي او آر تيار ڪيا ويندا.