ڪراچي (نمائندن وٽان) تيل قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف عوام سراپا احتجاج، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن، واپارين، وڪيلن ۽ ٽرانسپورٽرز جا احتجاجي مظاهرا.  ڌرڻا، ريليون، ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتال، خبر موجب سکر ۾ وڪيلن قربان ڪلوڙ، ربنواز ملاڻو، قربان بلوچ ۽ شھرين عيدن جاگيراڻي، جي ايم حيدري، فضل الرحمان ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن امان الله لهر ۽ محمد اسماعيل ابڙو جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو، نوابشاهه ۾ ڪنٽريڪٽر ايسوسي ايشن جي سڏ تي دوست علي رند، اصغر ميمڻ، محمد شاھد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ نياز حسين پنهور، نديم ڪورائي ۽ نهال شيخ جي اڳواڻي ۾ ٺيڪيدارن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن زاهد جسڪاڻي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته شهرين، سماجي سياسي ، سول سوسائٽي جي تنظيمن گڏيل طور شهزاد بوزدار، اڪرم بيگ، عبدالحفيظ سٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊوالھيار ۾ شهرين حبيب خاصخيلي، طاھر ميمڻ، ڪاشف احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، تلهار ۾ تحريڪ انصاف جي سڏ تي هڙتال رهي ۽ سمورو ڪاروهنوار ٺپ رهيو، جڏهن ته سليم گاڏاهي، سجاد لغاري، شريف لغاري، مگهن لال سوناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪل جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، کهڙا ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن مختيار بڙدي، اسماعيل لاشاري، الله ڏنو اڄڻ، شاھنواز بڙدي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، فيض گنج ۾ پي ٽي آءِ پاران ضمير چانگ، شعيب، ڪامران، عبدالمالڪ چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جوھي  ۾ پورهيتن، سوشل ورڪرن، رڪشا ڊرائيورن ۽ شهرين  ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر لغاري، جمن ٻٻر، ايوب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، پاڪستان ڪولھي اتحاد ۽ ٽيڪسي ڊرائيور اتحاد پاران خاڪي جاني، مير عاشق ٽالپر ۽ ھريرام ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، عثمان شاھ ھڙي ۾ انتظار راجپوت ۽ رانجھي اوڏ جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ پورھيتن احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپورناٿن شاھ ۾ طبقاتي جدوجهد جي سڏ تي ڪامريڊ منظر چانڊيو، رشيد ٻگهيو ۽ عيسيٰ چانڊيو ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ ڪاشف جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نصرپور ۾ شهرين اسد رضا قريشي، خالد ڀاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ميرپور بٺورو ۾ عوامي تحريڪ پاران پرويز ميمڻ، حسين آزاد، نواز ڏيٿو، ساگر پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ جماعت اسلامي پاران عبدالڪريم بليدي، مولانا اسد سرڪي ۽ محمد وسيم ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾ فراز شاهه، گيان چند مهيشوري، ڄيٺو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي  روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جاتي ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وفا حسين شاه، اشرف ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ ڊرائيورن احتجاجي ريلي ڪڍي، مورو ۾ بار ايسوسيئيشن پاران وڪيلن امين الدين خاصخيلي، قادر بخش ڪورائي، خالد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٻئي پاسي رڪشا يونين پاران جھنڊو خان ڀٽي، شبير ڀٽي، جمن شاھ لڪياري، نياز حُسين سابقي، اعجاز سابقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٻانڌي ۾ شھرين مفتي افتخار عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، شاهپورچاڪر ۾ ناليواري صوفي راڳي مانجهي فقير بوداڻي مين ناڪي کان پريس ڪلب تائين راڳ ڳائي احتجاجي ريلي ڪڍي، ڦل ۾ پي ٽي آءِ طرفان غلام حيدر عرف پارس ٻلال، علي نواز کوسو، اياز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ مزدورن، رڪشا ڊرائيورن، دوڪاندارن، ھارين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته حڪمران پنهنجن خرچن جو سمورو ٻوجھه عوام مٿان وجھي رهيا آهن، هنن چيو ته بدترين معاشي بحران جا ذميوار حڪمران آهن، ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺي مھانگائي ختم نه ڪئي وئي ته وفاقي وزيرن جي گھرن جو گھيرءُ ڪيو ويندو.