ميرپورخاص/ڪنري/پٿورو (نمائندن وٽان) 30 آڪٽوبر 2019 تي ٿيل تيزگارم سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ميرپورخاص، ڪنري ۽ پٿورو جي 50 شهيدن جي ٽئين ورسي ملهائي وئي، ميرپور خاص ۾ شهيد ٿي ويل ميرپورخاص جي 50 شهيدن جي ياد ۾ تقريب ۽ قران خواني ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي زين العابدين ميمڻ چيو ته رحيم يار خان سانحو ملڪ جي تاريخ ۾ ٽرين جو سڀ کان وڏو سانحو ھو، ان سانحي جي شھيدن  کي  ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي، جيڪي دين جي تبليغ لاءِ رائونڊ پنجاب وڃي رھيا ھئا، هن چيو ته ميرپورخاص جي 42 شھيدن جي وارثن کي ريلوي کاتي پاران 15، 15  لک روپيا ڏنا ويا آهن، جڏھن ته  8 شھيدن جي وارثن کي ھن وقت تائين اھا رقم ناھي ملي، انھن لاءِ ريلوي جي بالا آفيسرن کي خط لکي ڪوشش ڪئي ويندي، تقريب کي مولانا عبدالله، مولانا هارون، قاري ڪامران، مولانا حفيظ الرحمان فيض ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته سماجي اڳواڻ چوڌري نظام الدين پاران ميرپورخاص جي گمشدهه 8 شھيدن جي خاندانن کي 14، 14 لکن جي ماليت جي پلاٽن جا ڪاغذ ڏنا، ڪنري ٻسٽان ۾ قاسم ڀٽي ھائوس تي شهيدن جي ٽئين ورسي ملھائي وئي، جنھن ۾ قرآن خواني ۽ خيرات ڪئي وئي، حادثي جي شھيدن ۾ محمد يعقوب، بلال آرائين، محمد اسحاق، خوشي محمد، آفاق احمد، فقير محمد، شريف آرائين، حاجي ياسين آرائين، عبدالوحيد آريسر ۽ عبدالرحمان شامل هئا، پٿورو جي ڳوٺ ڪمال الدين آريسر واسي عبدالوحيد آريسر، ڳوٺ عبدالحڪيم آريسر واسي عبدالجبار آريسر ۽ ڳوٺ دوست محمد آريسر واسي عبدالرحمان آريسر جي ٽين ورسي جي موقعي تي سندن گهرن ۾ ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي.