اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي توهين ڪندڙ جوابدار کي 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي، قومي اسيمبلي توهينِ پارليامينٽ بل 2023 جي متفقه طور منظوري ڏئي ڇڏي، قاعدن ۽ ضابطن واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون بل پيش ڪيو، بل ۾ پارليامينٽ، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي توهين قابل سزا ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، بل تحت توهين ثابت ٿيڻ تي 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي، بل تحت توهين پارليامينٽ ڪاميٽي قائم ٿيندي، ڪاميٽي کي سول جج جا اختيار، سمن ۽ وارنٽ جاري ڪرڻ جا به اختيار هوندا، جڏهن ته گرفتاري وارنٽ جي منظوري اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين کان ورتي ويندي. سزا تي ملزم 30 ڏينهن ۾ فيصلي تي اپيل داخل ڪري سگهندو، سزا خلاف اپيل چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي سامهون داخل ڪئي ويندي، اسپيڪر ۽ چيئرمين تي ٻڌل ٻه رڪني ڪاميٽي کي اپيل ٻڌڻ ۽ ان تي فيصلو ڏيڻ جو اختيار هوندو، بل تحت ڪاميٽي جو ڪو به دستاويز ثبوت طور عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهبو. بل تحت ڪنهن به اداري يا شخص جي طرفان توهين جو مامرو استحقاق ڪاميٽي جي سامهون رکيو ويندو، استحقاق ڪاميٽي 60 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪندي، ڪاميٽي جي سفارشن تي ايوان مامرو توهين ڪاميٽي جي حوالي ڪندو، بل تحت ڪاميٽي 5 ميمبرن تي مشتمل هوندي، ٽي ميمبر قومي اسيمبلي ۽ 2 ميمبر سينيٽ مان هوندا، هڪ ميمبر اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ٻه وزيراعظم ۽ اپوزيشن پاران تجويز ڪيل هوندا، جڏهن ته سينيٽ مان هڪ هڪ ميمبر قائد ايوان ۽ اپوزيشن ليڊر جو تجويز ڪيل به ڪاميٽي جو حصو هوندا. تعليم واري وزير راڻا تنوير چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي پر هتي جيڪو به ڪم ٿئي ٿو ان کي روڪيو وڃي ٿو، هر اداري جي توهين خلاف ڪو نه ڪو قانون آهي، پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت ڪو به قانون نه هو، هن معاملي تي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت هئي.