حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سوشل ميڊيا ۽ فيس بڪ آءِ ڊي تي عدالتي فيصلي خلاف غلط مواد شايع ڪرڻ تي صحافي شوڪت علي زرداري جو پاسپورٽ ضبط ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ۾ شوڪت زرداري کي جاري ٿيل توهين عدالت جي نوٽيس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اسلم پرويز عدالت کي آگاهي ڏني ته شوڪت زرداري کين هٿ نه اچي سگهيو آهي پر سندس ايڊريس تي توهين عدالت جو نوٽيس اماڻيو ويو هو. وڪيلن نجيب الله شر، وقار فضل، محمد شهزاد، امير علي سومرو، محمد يوسف ۽ ٻين عدالت کي آگاهي ڏني ته شوڪت زرداري بابت اطلاع آهن ته هو پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري جنهن لاءِ سندس پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. احتساب عدالت جي جج انعام علي ڪلهوڙو ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اي ٽي اي سميت لاڳاپيل ادارن کي حڪم ڏنو ته شوڪت زرداري جو فوري طور تي پاسپورٽ ضبط ڪري 11 آڪٽوبر تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، جڏهن ته سندس قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ سان گڏ سندس فون نمبر جي ڊيٽا هٿ ڪئي وڃي ته هو هن وقت ڪٿي آهي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته پاڻ کي صحافي سڏرائيندڙ شوڪت زرداري بابت صحافتي تنظيمن توڙي ميڊيا جي ادارن کان به پڇيو وڃي ته هو هن وقت ڪهڙي اخبار يا چئنل سان سلهاڙيل آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڳاپيل عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين محمد حسن ڀٽو سميت 20 ڄڻن خلاف داخل نيب ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو، ان ڏينهن شوڪت زرداري سوشل ميڊيا تي عدالتي فيصلي خلاف نازيبا الفاظ ڳالهايا، جنهن تي وڪيلن سندس خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي. عدالت شوڪت زرداري کي 4 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.