ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاھ چيو آهي ته وزيراعظم، وڏن وزيرن ۽ وزيرن کي ڊيوٽي دوران سڏائي نه ٿو سگھجي پر مون کي عدالتون بي بنياد ڪيسن ۾ گھرائينديون رهيون آهن، مون کي توهين عدالت کان ڊيڄاريو ويندو آهي پر هاڻي مون کي خوف ناهي ٿيندو، پارليامينٽ کي ججن جي مواخذي جو اختيار هجڻ گهرجي، هتي ڀارت جيان اهو قانون هجي ها ته ادارن ۾ توازن هجي ها،  شھيد ڀٽو ملڪ کي آئين جو تحفو ڏنو، ، آئين جي پاسداري اسان سمورن تي فرض آهي، آئين جو دفاع ڪرڻ عام شهري يا وردي واري جو نه پر قانون سازي ڪندڙن (پارليامينٽرينز ) ۽ عدليه جو ڪم آهي، انهن قوتن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 73ع جي آئين کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پيپلز پارٽي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين موجب ڪنهن کي نااهل ڪرڻو آهي ته اليڪشن لاز ( چونڊ قاعدن)  تحت شروع وارن ڏينهن ۾ ڪرڻو پوندو، ڇهن مهينن کانپوءِ ڪنهن کي نااهل نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن قانون ٺاهڻ واري کي اهو خوف هجي ته هو ڪنهن وقت  به نااهل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هو ڪهڙي قانونسازي ڪري سگهندو؟ هن چيو ته آرٽيڪل 243 تحت وزيراعليٰ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڪنهن به ڪورٽ  سامهون جوابده ناهن پر هن وقت مون سميت اڪثر وزير عدالتن جا چڪر لڳائي رهيا آهيون، مون کي ايگزيڪيوٽو طور تي ڪمزور ڪيو ويو، هاڻي ايتريوين ڳالهيون ٿي ويون آهن ته توهين عدالت کان به خوف نه ٿو ٿئي، اسان وٽ توهين عدالت لڳائڻ انتهائي آسان ٿي ويو آهي، سياستدانن کي توهين عدالت کان ڊيڄاريو ويندو آهي، آئون قانون جو شاگرد ناهيان، منهنجي خيال ۾ ڪنهن بينچ تي اعتراض ڪرڻ اسان جو حق آهي، وڏي وزير چيو ته اڳ ۾ اليڪشن وڙهندڙ  اميدوار لاءِ 3 شرط ھوندا هئا هاڻي ته درجنين شرط ھوندا آھن، آر او جي ڪوشش هوندي آهي ته چونڊ وڙهندڙ شخص کي ڪنهن به نموني نااهل ڪجي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته آئين عوام ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ ٺاهه آهي،47ع ۾ ٺهيل ملڪ 73ع تائين آئين کانسواءِ هلندو رهيو، آئين ٺاهيندڙ شهيد ڀٽو کي به بخش نه ڪيو ويو، هن ملڪ جي آئين تي به وار ٿيندا رهيا آهن، 73ع جي آئين جي هوندي 58  ٽو بي کي استعمال ڪري چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون ويون، جنرل ضياءَ کان وٺي 2010 ع تائين آئين جو تماشو بڻايو ويو، آئين جي جنگ وڙهندي صحافين، وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڃا جنگ ختم نه ٿي آهي، روزانو عوامي نمائندن کي ڌمڪيون ملن ٿيون.هن چيو ته جن ججز پي سي او هيٺ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو، اسان انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا.اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته 73ع جو آئين شهيد ڀٽو جو عظيم ڪارنامو آهي، ملڪ لاءِ آئين ايٽم بم کان وڌيڪ اهم آهي  هن چيو ته 1971ع واري جنگ سبب ننگر پارڪر، ڇاڇرو ۽ ٿرڪول وارو 5 هزار ڪلو ميٽر علائقو انڊيا جي قبضي ۾ هو، شهيد ڀٽو شملا معاهدو ڪرائي 90 هزار قيدي ۽ زمين واپس ڪرائي، برک قانوندان جسٽس ( ر) رشيد اي رضوي چيو ته 1973ع جو آئين شهيد ڀٽو  جو وڏو تحفو آهي، 18هين ترميم ذريعي هڪ سئو کان وڌيڪ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته آئين جي رکوال ٽن ادارن کانسواءِ هڪ چوٿون ادارو اهڙو به آهي، جيڪو جڏهن چاهي، ڪنهن ۾ هٿ وجهي سگهي ٿو .