توهين جاالزام هڻي انسانيت جو قتل

0
228
توهين-جاالزام-هڻي-انسانيت-جو-قتل

 سنڌ جنهن جي سڃاڻپ ڳچ عرصي کان سيڪيولر ۽ صوفي مزاج واري رهي آھي انهي سنڌ اندر ڏينهون ڏينهن ماڻھپي وارا قدر موڪلائيندا پيا وڃن. انتهائي خطرناڪ ۽ گهري سازش تحت سنڌ جي صوفي ۽ سيڪيولر ڪلچر کي ڌنڌلو ۽ غير واضح بڻايو پيو وڃي، سنڌ ۾ هٿ وٺي انتها پسندي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ، جيئن ميرپور ماٿيلو لڳ درگاهھ لعل شاھھ جي مجاور جيڪو دراصل معذور انسان هو، جيڪو نھ ڪنهن جي ٻن ۾ نھ ٽن ۾ ان معذور شخص کي توهين جو جڙتو الزام هڻي مٿس پيٽرول هاري  پاڻي ۾ غوطا ڏياري انتهائي بيدردي سان ان جو قتل ڪيو ويو،  بعد ۾ سندس لاش جي بيحرمتي ڪندي ان کي گپ ۾ گهليو ويو،اهڙي بيحيائي ۽ بيشرمي تي سنڌ جي شعور جا ڪنڌ شرم ۾ جهڪيل آھن.

                 معذور شخص عباس ڪلوڙ درگاھه لعل شاھه جو هڪ مجاور هو، آئي ويئي جو هو هميشھ خيال رکندو هو،  اهڙن انسانن جو سهارو ٿيڻ بجاءِ بنا ڪنهن ثبوت جي هڪ معذور انسان کي قتل ڪيو ويو،  مثال طور هڪ  فقير منش انسان  جيڪڏهن ڪجھھ چيو بھ ھجي تھ ان لاءِ قانون موجد آھي، توهان پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ جيڪي ثبوت اٿئو سي  پوليس حوالي ڪيو. اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آھي تھ اوهان پنهنجي عدالت لڳايو ۽ ماڻھن کي ٽياس تي ٽنگيو،  بحرالحال پوليس پاران هڪ چڱي ڪوشش جو  302 جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ملزم کي گرفتار ڪيو ويو آهي ،

انسانيت کان هڪ عاري ماڻھو هڪ شخص تي توھين مذھب جو الزام مڙھي ٻنھي ٻانھن کان معذور شخص کي پئٽرول ھاري باھھ ڏئي ڇڏي، معذور پاڻ بچائڻ لاءِ پاڻي جي تلاءُ ۾ ٽپو ڏنو. ميرپور ماٿيلو ۾انسانيت کي لڄائيندڙ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آھي جنهن انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آھي، هي ماڻھپي وارن قدرن جي لتاڙ جو هڪ اھڙو واقعو آھي جنھن تي صرف افسوس ڪرڻ ڪافي ناھي، پر ان قسم جي وحشپڻي جي ماسٽر مائينڊ ۽ هي واقعو ڪندڙ ڪردار کي ان جي ڪيل عمل تي منطقي انجام تائين پهچائڻ۾ هر باشعور ماڻھو کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ميرپور ماٿيلو لڳ اھڙي قسم جي ڪنھن بھ واقعي کي ڪنهن جو ذاتي مسئلو سمجھي جيڪڏهن ھر ڪوئي صرف افسوس يا مذمت ڪندو رھندو تھ پوءِ اھڙي قسم جي واقعن کي اسان ڪڏهن بھ روڪي نھ سگھندا سين، ڇو تھ  اسان وٽ ھاڻي ھر ظلم  ۽ جبر مذهب جي نالي تي ڪيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ تھ اسان وٽ مذھب ھاڻي صرف هڪ ڍال بڻجي ويو آهي،  جنھن کي وڻي ٿو اھو توھين جي نالي تي انسان کي ئي ختم ٿو ڪري. سڀ کان اول  تھ ڪنهن بھ مذهب ۾ عام انسان کي سزا جو ڪوئي حق ناهي، جيڪڏهن ڪو اھڙو عمل سامھون ٿي بھ وڃي تھ شريعت موجب بھ ڪنهن عدالت ڪنھن قاضي وٽ وڃڻ جو حڪم آھي، ان کان پوءِ بھ جيڪڏهن ڪو شاھد آھي ته ٺيڪ نھ تھ ڪا بھ دنيا جي عدالت مجرم ثابت نٿي ڪري سگهي. پر افسوس جو اسان وٽ ڪو بھ نظام درست ناهي ھي مڪمل طور دھشتگردي جو ڪيس آھي ۽ جيڪڏهن ان کي سزا نھ ملي ته پوءِ اسان ان جنونيت مان ڪڏهن به جان ڪونھ ڇڏائي سگھندا سين.  هتي سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڳالھھ ھي آھي تھ رنڪل ڪماري جي اغوا ۽ مذھب جي زوري تبديلي کان وٺي ڏهرڪي ۾ هندو سيٺ جو قتل، ڪجھھ وقت اڳ ميرپور ماٿيلو ۾ ستيش ڪمار تي بلاسفيمي جو الزام هڻي ان کي قتل ڪيو ويو، پروفيسر نوتن لال ساڳئي الزام تحت جيل جي چڪي ۾  آھي نھ فقط اھو پر ان کان علاوھ  هتي هن ضلع گهوٽڪي ۾ لڳاتار  جبري مذھب جي تبديلي جا واقعا تمام  تيزي سان ٿي رھي آھن. هاڻي محسوس اهو ٿي رهيو آھي تھ   صوفي يا سيڪيولر ماڻھو ۽ مذھبي ٿورائي وارن معصوم انسانن جي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي آھي. اسين سمجهون ٿا تھ اسان سڀني ماڻھن کي گڏجي هن صورتحال کي منهن ڏيڻ گهرجي. خاص طور گهوٽڪي کي  انھي ڪري ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ هي ضلعو پيداواري سگهھ رکندڙ پاڪستان جو اهم ضلعو آھي، تيل گيس فيڪٽريون ۽ ايگريڪلچر توڙي گڊوبيراج جو هي وارث ضلعو آھي جنهن ۾ ورهاڱي کان هن وقت تائين جهجهي تعداد ۾ مختلف مذھبن سان وابسطھ مذھبي ٿورائي وارا ماڻھو رهن ٿا،جيڪي فيڪٽرين جا سيٺ، ڪاروبار سان وابسطھ ۽ هارپي سان واڳيل آھن. بھرالحال ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ سنڌ جي سمجھھ ۽ شعور کي اڳيان وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن الزامن تحت انسانيت جو قتلام ڪندڙن جي روڪٿام ڪرڻ گهرجي.