توهين اليڪشن ڪيس: عمران خان خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت

0
291
توشه خانه ڪيس: عمران خان

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

عدالت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي تحريڪ انصاف جا واريل اعتراض رد ڪري ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيس جاري ڪيا هئا

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جون پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون

عدالت هاءِ ڪورٽس کي توهين اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي جلد فيصلا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته قانون موجب توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رهندي، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ قيادت جي اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي

1100 ارب ڪرپشن ڪرڻ وارن کي معافي قوم سان ظلم آهي: عمران خان

حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 1100 ارب رُپين جي ڪرپشن ڪرڻ وارن کي معافي ۽ ڇُوٽ ڏني پئي وڃي، اِهو قوم جي کيسي تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته قوم اين آر او وَن جي وڏي قيمت ڀَري آهي

هن چيو ته ٻن ڏوهاري خاندانن ۽ سندن ساٿارين جي ڦرُلٽ 10 سالن ۾ اسان جا قرض ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن

عمران خان چيو ته اين آر او ٽُو ته اُن کان به وڌيڪ شرمناڪ آهي، 1100 ارب ڪرپشن ڪرڻ وارن کي معافي قوم سان ظلم آهي

ھي به پڙھندا

ارشد شريف جي قتل وارو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، صحافين جو تحفظ ضروري آهي:وزيراعظم

ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ غير تسلي بخش قرار: اڄ رات تائين ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم