اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ 23 مئي تي ذاتي طور طلب، اي سي پي جي ميمبر نثار دُراني جي سربراهي ۾ 4 رُڪني بئنچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي جونيئر وڪيل پاران پيش ٿيڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي ميمبر اڪرام الله چيو ته توهان ڪيس کي ايزي وٺي رهيا آهيو، ڊگھي عرصي کان ڪيس التوا ۾ پيو آهي، آخري موقعو آهي، 23 مئي تي ڌُرين کي ٻڌنداسين، اي سي پي عمران خان کي 23 مئي تي ذاتي طور طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.