اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 12 سيپٽمبر بعد وڌيڪ موقعو نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي سنڌ مان ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري، سيڪريٽري جنرل اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ پاران بيرسٽر گوهر پيش ٿيو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته هن ڪيس ۾ وڪيل فيصل چوڌري ڪنهن ڪيس ۾ لارجر بينچ سامهون پيش ٿي رهيو آهي، ان ڪيس ۾ اسان کي التوا گهرجي، اليڪشن ڪميشن چيو ته فيصل چوڌري جي رضامندي سان ئي ٻڌڻي 12 وڳي رکي هئي، اليڪشن ڪميشن عمران خان کي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي چيو آهي ته 12 سيپٽمبر بعد وڌيڪ موقعو نه ڏنو ويندو، ان ڪيس ۾ عمران خان  پاران 12 سيپٽمبر تائين جواب ۽ حتمي دليل پيش ڪيا وڃن، اليڪشن ڪميشن اسد عمر ۽ فواد چوڌري کان به جواب ۽ حتمي دليل طلب ڪري ورتا آهن.