اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توهين اليڪش ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي 5 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن فواد چوڌري صرف هڪ ٻڌڻي تي پيش ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 5 جون تائين ملتوي ڪندي فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عمران خان ۽ اسد عمر کي به طلب ڪيو ويو. هڪ ٻئي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فواد چوڌري کي 6 جون تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.