توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو! پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ!

0
387
توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو!

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ تلخ لفظن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن موجب ملاقات ۾ بچاءَ واري وزير ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان توهان کي وزيراعظم بڻايو آهي

خيبرپختونخواه ۾ گيس جي بندش آهي، گيس ۽ بجلي اسان پيدا ڪيون ٿا، پيسجي به اسان رهيا اهيون، اهو رويو رهيو ته اسان ووٽ نه ڏئي سگهنداسين. ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي ڳالهه تي وزيراعظم اٿي کڙو ٿيو ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان مون کان مطمئن نه آهيو ته حڪومت ڪنهن ٻئي کي ڏيند

ياد رهي ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ اڄ وزيراعظم عمران خان پاڻ پارليامينٽ هائوس پهتو ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. جنهن دوران پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي