توهان کان چرس کپائيندڙ ڇو نٿو گرفتار ٿئي، يا گرفتارڪرڻ ئي نٿا چاهيو: عدالت

0
466

دادو(ن پ ا) ڪي اين شاھ پوليس منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيل معذور شخص شاهد لغاري کي رمانڊ ختم ٿيڻ تي سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو .

جوابدار شاهد لغاري عدالت کي ٻڌايو ته هن مريد لاکير مان امداد عرف طالبان کان 100 روپين جو پيئڻ لاءِ چرس ورتو ته پوليس مون کي گرفتار ڪيو.

عدالت ڪي اين شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي چرس هلائيندڙ امداد عرف طالبان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته  14 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس چرس هلائيندڙ کي گرفتار نه ڪري سگهي.

سيشن جج سب انسپيڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کان چرس کپائيندڙ ڇو نٿو گرفتار ٿئي يا ان کي گرفتار ڪرڻ ئي نه ٿا چاهيو؟.

سب انسپيڪٽر نعمت الله چيو ته ڇاپا هنيا آهن پر امداد هٿ نه ٿو اچي.