توشه خانه ڪيس: عمران خان اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي لاءِ زمان پارڪ کان روانو

0
117

اسلام آباد: عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي لاءِ زمان پارڪ کان روانو، جڊيشل ڪمپليڪس جي نيب ڪورٽ نمبر هڪ ۾ ٻڌڻي ڪئي ويندي، ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو

 عمران خان جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو، پوليس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي

جڊيشل ڪمپليڪس جي آسپاس سيڪيورٽي وڌائي وئي، آءِ جي اسلام آباد پاران سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ جڊيشل ڪمپليڪس جو دورو ڪيو ويو

صحافين ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ داخلا تي پابندي، عدالت ويندڙ رستن تي ڪنٽينرز رکيا ويا، اسلام آباد انتظاميا طرفان شهرين کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

اسلام آباد پوليس موجب عمران خان جي پيشي جي موقعي تي اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس سوڌو ايف سي جا 4 هزار جوان مقرر ڪيا ويا آهن، عمران خان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو پابند آهي

هي به پڙهندا

دهشتگردي جَي 8 ڪيسز ۾ عمران خان جِي حفاظتي ضمانت منظور