اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس ۾ هڪ مهيني جي ڊگهي تاريخ ڏئي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد بار جي هڙتال آهي جيڪا گذريل ٽن ڏينهن کان جاري آهي. ان تي امجد پرويز چيو ته وڪيلن جي هڙتال ۾ عمران خان ته شامل ناهي، جيڪڏهن جوابدار جو وڪيل هڙتال تي هجي ها ته عمران خان کي عدالتي ڪمري ۾ هئڻ گهرجي ها، ٽرائل جي اسٽيج تي جوابدار جي عدالتي ڪمري حاضري لازمي هوندي آهي، جيڪڏهن سندس وڪيل هڙتال ۾ وڃڻ چاهي ٿو ته عمران خان کي اچڻ گهرجي. عمران جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو آهي، حڪومت عمران کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي،  وڪيلن جي دليلن تي جج پڇاڻو ڪيو ته گڏيل صلاح مشوري سان عدالتي ٻڌڻي بابت ٻڌايو، ان تي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته ڪهڙي تڪڙ آهي ؟ رمضان کانپوءِ توشا خانه جي ٻڌڻي رکو. خواجا حارث ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي عدالت ڌرين کي صلاح مشوري جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪندي عمران جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. انکانسواءِ عمران خان جي وڪيلن طرفان ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ جي درخواست به داخل ڪئي وئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏنا ويندا.