اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توشا خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشا خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو 36 صفحن تي ٻڌل آهي، صرف ٻه پيج جاري ڪيا ويا آهن، فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو آهي ته عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 63 اي تحت نا اهل قرار ڏنو. جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي ڪوڙو بيان جمع ڪرائڻ تي آرٽيڪل 63 ون پي تحت نا اهل قرار ڏنو ويو آهي، هو پارليامينٽ يا ڪنهن صوبائي اسيمبلي لاءِ ميمبر چونڊجڻ لاءِ اهل نه هوندو، عمران خان پنهنجن مالي اثاثن بابت حقيقتون لڪايون ۽ ڪوڙو بيان جمع ڪرايو، ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري عوامي عهدي لاءِ اهل ناهي رهيو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان ڪوڙو بيان ۽ ڊڪليئريشن جمع ڪرائي، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 167 ۽ 176 تحت ڪرپٽ پريڪٽس جو مرتڪب ٿيو آهي ۽ توشا خانه مان حاصل ڪيل تحفا اثاثن ۾ ڊڪليئر نه ڪري حقيقتون لڪايون. فيصلي ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران موڪليل رڪارڊ، ڪابينا ڊويزن کان ورتل رڪارڊ ۽ عمران خان پاران اسٽيٽ بينڪ کي ڏنل بيان جي بنيادي تي اسان جي راءِ آهي ته عمران خان 2018-19ع جي گوشوارن ۾ تحفظن ۽ ادائيگين ۽ فروخت کي لڪايو، تحفن جا تفصيل به ظاهر نه ڪيا ويا، خريد ۽ وڪري جي ڪيش ۽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل به نه ڏنا ويا. عمران خان جي نا اهلي موجوده اسيمبلي جي پڄاڻي تائين هوندي، فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي کان ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو ۽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ بعد ضمني چونڊ ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو، ريفرنس جي دستاويز موجب عمران خان کي توشا خانه مان 14 ڪروڙ 42 لک 42 هزار رپين جا تحفا مليا، جڏهن ته 30 هزار رپين کان وڌيڪ جا تحفا وصول ڪيا ويا، دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان انهن تحفن مان 3 ڪروڙ 81 لک 77 هزار رپيا ادا ڪيا ۽ 8 لک رپين جا تحفا ادا نه ڪيا، 29 لک 14 هزار رپيا وصول ڪيا، عمران خان جي گهر واري 58 لک 59 هزار رپين جا هار ۽ ٻيا تحفا 29 هزار 14 هزار وصول ڪيا، عمران خان واچ، ڪف لنڪس، پين، آڱوٺي 2 ڪروڙ 27 لک رپيا ڏئي حاصل ڪيا، ريفرنس دستاويز ۾ عمران خان کان حاصل ڪيل واچ جي اصل قيمت 85 لک رپيا، ڪف لنڪس جي اصل قيمت 56 لک رپيا، قلم جي اصل قيمت 15 لک رپيا ۽ اڱوٺي جي اصل قيمت 87 لک رپيا آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي ۾ 5حڪومتي ميمبرن جي درخواست تي عمران خان خلاف توشا خانه ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي جي درخواست ڪئي وئي هئي، ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران خان توشه خانه مان ورتل تحفن ۽ انهن تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جي تفصيل پنهنجي اثاثن ۾ ناهي ڏيکاري.