توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

0
190

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانه ريفرنس ۾ فوجداري ڪارروائي ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، اسلام آباد جي عدالت عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 فيبروري تي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري کي اڄ ئي وڪالت نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، پر پيش نه ٿي سگهيو

هي به پڙهندا

آصف زرداري عمران خان کي ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو