اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو ريفرنس ٽرائل ڪورٽ کي وصول ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال اڄ ٻڌڻي ڪندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن توشا خانه ريفرنس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي موڪليو هو ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شڪايت ۾ چيو هو ته ٽرائل ڪورٽ عمران خان تي ڪرپٽ پريڪٽس جو ٽرائل ڪري، عمران خان اثاثن جا ڪوڙا تفصيل جمع ڪرايا. هن چيو ته سيڪشن 174 تحت ڪوڙا تفصيل جمع ڪرائڻ جي به سزا آهي، عدالت شڪايت منظور ڪري عمران خان کي سيڪشن 167 ۽ 173 تحت سزا ڏئي. واضح رهي ته ڄاڻايل سيڪشنز تحت 3 سال جيل ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ توشا خانه ريفرنس اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137، 170، 167 تحت موڪليو ويو هو.