اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران توشا خانه مان حاصل ڪيل تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي سندس نااهلي لاءِ داخل ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جمع ڪرايل جواب ۾ عمران خان چيو آهي ته توشا خانه ريفرنس بنا جواز ۽ بي بنياد آهي ۽ ان ريفرنس جو مقصد سياسي آهي، ريفرنس اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار ۾ ئي ناهي جنهن ڪري ان تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي نه ٿي ٿي سگهي، چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جي وڪيل علي ظفر کي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان اليڪشن ڪميشن جو دائري اختيار چيلنج ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ڌار درخواست ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ان ڪيس تي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشا خاني مان حاصل ڪيل تحفن کي اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل ريفرنس جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار محسن شاهنواز رانجها ۽ ان جي وڪيلن فاروق ايچ نائيڪ سان گڏ بيرسٽر علي گوهر عمران خان پاران ان ڪيس ۾ جواب جمع ڪرايو، عمران خان جي وڪيل علي ظفر چيو ته جواب دير سان جمع ڪرڻ تي معذرت خواهه آهيان، مصروفيت سبب جواب دير سان داخل ڪرايو، هن چيو ته هي ريفرنس هن اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي، اليڪشن ڪميشن ان تي ٻڌڻي ئي نه ٿي ڪري سگهي، آرٽيڪل 61 هڪ ايف جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ان تي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان اليڪشن ڪميشن جو دائري اختيار چيلينج ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ڌار درخواست ڏني وڃي، يقيني بڻائينداسين ته پوءِ ڪيس ۾ التوا نه گهري وڃي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن هن ڪيس جي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عمران خان وڪيل معرفت توشا خاني ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن اندر داخل ڪيل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس خلاف ريفرنس بنا جواز ۽ بي بنياد آهي، ان ريفرنس جو مقصد سياسي آهي، آگسٽ 2018ع کان ڊسمبر 2021ع تائين اهم شخصيتن کي 329 تحفا مليا، عمران خان ۽ ان جي گهرواري بشريٰ بيبي کي 58 تحفا مليا، جن مان 14 تحفا 3 ڪروڙ 80 لک 76 هزار رپيا ادا ڪري ورتا ويا، 30 هزار کان گهٽ ماليت جي 44 تحفن جي قيمت ادا نه ڪئي وئي آهي، 4 تحفا 30 آگسٽ 2019ع تائين عمران خان وٽ نه هئا، اهي وڪرو ڪيا ويا هئا، تحفن جي خريداري لاءِ ادا ڪيل 2 ڪروڙ 12 لک 26 هزار رقم ۽ تحفن جي وڪرو تي ٿيل آمدني 5 ڪروڙ 80 لک رپيا انڪم ٽيڪس ۾ ظاهر ڪئي وئي آهي، مالي سال 20-2019ع دوران 17 لک ماليت جا حاصل ڪيل تحفا عمران خان يا ان پاران ڪنهن تحفي ۾ ڪنهن کي ڏئي ڇڏيا هئا، ان ڪري انهن کي اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيو ويو، مالي سال 21-2020ع ۾ تحفن جي خريداري تي هڪ ڪروڙ 16 لک 84 هزار 250 رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته مالي سال 22-2021ع ۾ حاصل ڪيل ٻه تحفا به ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر ڪيا ويا، جنهن ڪري هي ريفرنس نه ٿو ٺهي، اسپيڪر ريفرنس موڪلڻ وقت آرٽيڪل 63 هڪ جي حوالي سان پنهنجو دماغ استعمال نه ڪيو آهي هن ڪيس ۾ نااهلي جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن ان کي رد ڪري ڇو ته تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ جو الزام درست ناهي.