اسلام آباد: توانائي جي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سي سي آءِ بجلي پيداوار جي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ، اهو پلان 2005ع کان التوا هيٺ هو، ان پلان تحت مستقبل ۾ بجلي جي گهرج جي تخمينن کي سامهون رکي بجلي پيدا ڪئي ويندي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ان پلان بابت صوبن سان ڊگهي مشاورت ڪئي وئي، مستقبل ۾ سستن ذريعن ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي، نئين پلان جي منظوري ، ماضي ۾ اهڙا پلان ٺاهيا وڃن ها ته گردشي قرضن ۽ ٻين مسئلن کان بچي سگهون ها.