اسلام آباد: بجيٽ ۾ توانائي شعبي لاءِ 86 ارب مختص ڪيا ويا آهن، ناڻي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته بجلي پيداوار، ترسيل ۽ تقسيم جي بهتري لاءِ 107 ارب رپيا مهيا ڪيا ويا آهن، ملڪ ۾ بجلي پيداوار صلاحيت 41 هزار ميگا واٽ تائين پهچي چڪي آهي، پن بجلي جو حصو 25سيڪڙو آهي، ضروري آهي ته بجلي پيداوار لاءِ ملڪي وسيلا استعمال ڪيا وڃن، ته جيئن درآمد کي گهٽائي سگهجي، توانائي شعبي ۾ حڪومت ڪوئلي جي استعمال ۽ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي، ڪوئلي جي تي هلندڙ ڪارخانن کي ترغيب ڏني پئي وڃي ته اهي مقامي ڪوئلو استعمال ڪن، خام مال، بيٽريز، سولر پينل، انورٽر تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. جڏهن ته بجلي شعبي ۾ ڪوئلي تي هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽ (1200 ميگاواٽ) جي تڪميل لاءِ نئين مالي سال ۾ 12 ارب رپيا جي رقم مهيا ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ارب مختص ڪيا ويا آهن، اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ مهل هائيڊرو پلانٽ کان بجلي جي ترسيل لاءِ 13 ارب، داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بجلي ترسيل لاءِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.