باھو کوسو/تنگواڻي (نمائندن وٽان) باھو کوسو لڳ آر ڊي 44 ٿاڻي جي حد ڳوٺ امان الله نندواڻي ۾ علي نواز نندواڻي ۽ امان الله نندواڻي جي ٻن ڌرين ۾ 10 سال کان ھلندڙ خوني تڪرار جو  جرڳو ڪرمپور ڀرسان جمال ڍوري ۾ چيف مقدم حمزه نندواڻي جي سرپئچي ۾ ٿيو، امان الله نندواڻي ۽ علي نواز نندواڻي جي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد بند ڪمري ۾ مشاورت ڪئي وئي، امان الله نندواڻي جي ڌر تي بلوچستان جي رٽائرڊ پوليس اھلڪار رسول بخش نندواڻي جو خون ۽ 3 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو مٿس 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جرڳي ۾ خون جو عيوضو 30 لک، زخمي جو 3 لک ۽ معمولي زخمي جو 2 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ۽ علي نواز نندواڻي جي ڌر مٿان 3 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ جو 8 لک ڏنڊ رکيو ويو، جھولي جھلڻ تي ٻه لک معاف ڪيا ويا، 50 ھزار موقعي تي ادا ڪيا ويا ۽ زخمين جا 8 لک ڏنڊ ڪٽي بقايا 39 لک 50 ھزار امان الله نندواڻي جي ڌر علي نواز نندواڻي جي ڌر کي ٻن مھينن جي وقفي سان  4 قسطن ۾  ادا ڪندي ۽ 107 جريب زمين جو فيصلو جرڳي جو سرپيئچ چيف مقدم حمزه نندواڻي زمين گھمڻ بعد فتويٰ ڏيندو، ڌرين فيصلو قبول ڪندي ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويون. ياد رھي ته امان الله نندواڻي ۽ علي نواز نندواڻي جي ٻن ڌرين ۾ 10 سال کان 107 جريب زمين جي مالڪي تان خوني تڪرار  شروع ٿيو ھو، جنھن جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو آھي.