تنگواڻي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل مالڪ قتل

0
200

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ دودو ٽٻو پوليس ٿاڻي جي حد باسڪٽ مارڪيٽ ۾ هوٽل مالڪ شهباز بگٽي کي موٽر سائيڪل سوار هٿاربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته شهباز بگٽي کي 4 سال اڳ جکراڻي برادري جي نوجوان ارشاد جکراڻي جي قتل جي مخبري ڪرڻ جي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش صحبتور منتقل ڪري ڇڏيو.