تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي معصوم شاهه لاڙي وٽ هٿياربندن سان پوليس جو مبينا مقابلو ٿي پيو،مقابلي ۾هڪ پوليس اهلڪار در محمّد بکراڻي شهيد ۽ ٻيو پوليس اهلڪار اميد بکراڻي زخمي ٿي پيو،ايس ايس پي ڪشمور  عرفان سمون پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته شهيد ۽ زخمي اهلڪار جي پوسٽنگ تنگواڻي ٿاڻي تي هُئي، رات جو گشت ڪري رهيا هئا ته ڏوهارين مٿن فائرنگ ڪئي. هن جو چوڻ هو ته مقابلي ۾  2 ڏوهاري به مارجي ويا آهن،  جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي