تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ دين محمّد بنگلاڻي ۾ موسى الهه آباد شاخ کي گهارو لڳو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهچڻ سبب گهارو وڌي 80 فوٽ ٿي ويو، سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ، سرنهن، چڻا، جَو، مٽر جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پهتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد گهاري کي بند ڪري ڇڏيو.