تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بجارآباد مان اغوا ٿيل نوجوان شهزادو قمبراڻي کي آپريشن ذريعي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،هوڏانهن علائقي ۾ راڄوڻي دٻاءُ تحت نوجوان جي بازيابي جا چوٻول هلي رهيا آهن،ڪجهه ڏينهن اڳ مغوي جي پيءُ بخش قمبراڻي پاڻ ساڙڻ جي چتاءُ پڻ ڏنو هو.نوجوان جي بازيابي تي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي،هوڏانهن ايس ايڇ او رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيون پيا ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهاري نوجوان کي هڪ هنڌان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو، نوجوان کي بازياب ڪرايو.