تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي جي ڳوٺ ڪنڊو بکراڻي جو رهواسي برسات متاثر پيرسن پيربخش بکراڻي مين بازار مان سامان وٺندي ڪري فوت ٿي ويو، برسات متاثر شخص شهر ۾ اجها ڊهڻ سبب معصوم ٻچن جي بک اجهائڻ لاءِ سامان راشن وٺڻ پهتو ته روڊ تي ڪري پيو ۽ ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، ايمبولينس نه ملڻ سبب روڊ تي لاش پيل رهيو ۽ شهرين چندو ڪري خيراتي ايمبولينس تي ڳوٺ منتقل ڪيو.