تنگواڻي: مليريا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ ٻه ٻارڙيون فوت

0
241
تنگواڻي: مليريا تي ضابطو نه

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ مليريا وگهي هڪ ئي ڏينهن ٻح معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي

ڳوٺ محمّود کوسو ۾ 6 سالن جي نازيا ڌيءُ عبدالطيف ملڪ ۽ ڳوٺ ٻانهون نندواڻي ۾ ست مهينن جي معصوم ٻاڙي شبيران ڌيءُ عمران نندواڻي فوت ٿي وئي

ٻوڏ ۽ برسات سبب مليريا وبا واري صورت اختيار ڪرڻ تي هن وقت تائين فوتين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ٻار توڙي وڏي عمر جا ماڻهو مليريا ۽ ٻين مرضن ۾ ورتل آهن

هيٺانهين علائقن مان پاڻي به نيڪال نه ٿيو، مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا سوين ٻارڙا اسپتال ۾ داخل آهن

آر ايڇ سي سميت ڪنهن ب سرڪاري اسپتال ۾ اينٽي مليريا دوائون مهيا نه هجڻ سبب متاثرن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي

شهر سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڇرمار اسپري به نه ٿي سگهيو، رهواسين مطالبوڪيو آهي ته پاڻي نيڪال ڪرائي مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي

ھي به پڙھندا

خيرپور: گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، اسپتالون ڀرجي ويون