تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي مان هندو نينگري مبينا اغوا ٿي وئي، وارثن پاران ڪار سوار ماڻهن هٿان اغوا ٿيڻ جو پوليس کي اطلاع، پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري وڃڻ جا چوٻول، خبرموجب ڳوٺ بجار خان بجاراڻي مان 16 سالن جي نينگري منڊم ڌيءُ ديوان مارواڙي مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، نينگري جي پيءُ ٿاڻي تي اطلاع ڪندي دانهيو آهي ته سندس نياڻي کي ڪار سوار ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نينگري پنهنجي ئي برادري جي هڪ نوجوان سان پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري وئي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.