تنگواڻي مان اغوا ٿيل نينگر جنيد بکراڻي جي آزادي لاءِ ڌاڙيل سرگرم، وڊيو وائرل

0
255
تنگواڻي مان اغوا ٿيل نينگر

تنگواڻي مان 35 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل 3 ورهين جي جنيد بکراڻي جي بازيابي لاءِ بدنام ڏوهاري خادم حسين ڀيو ويڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي

وڊيو ۾ خادم ڀيو چئي رهيو آهي ته خدارا معصوم جنيد بکراڻي کي ظاهر ڪيو، جيڪو به ڀنگ هوندو مان ڀري ڏيندس ۽ ڪنهن به ماڻهو جو نالو ظاهر نه ڪندس

خادم حسين ڀيو پنهنجي ويڊيو بيان چيو ته مون مٿان ڪو دٻاءُ ناهي، دوستن گذارش ڪئي آهي ته ٻالڪ کي ڳولي ڏيان، معصوم وٽ فون به ناهي، ڌاڙيل به ڪنهن سان رابطو نه پيا ڪن

ڌاڙيل ويڊيو ۾ پنهنجا نمبر به زباني ٻڌايا ۽ چيو ته معصوم جا وارث ۽ سندس دوست به پريشان آهن، ننڍڙي جي بازيابي لاءِ جيڪو به سهڪار ٿيو هو ڪندس