تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ٽائون آفيس ڀرسان پروفيسر رضامحمد باجڪاڻي جي گھر مان چور سولر پليٽون، بيٽريون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، واقعي خلاف باجڪاڻي برادري  ماڻهن ۽ شهرين بس اسٽينڊ تي پروفيسر رضا محمد باجڪاڻي، عبدالستار باجڪاڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته تنگواڻي ۾ چورين ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.