تنقيد براءِ اصلاح ترقي واري پنڌ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انتهائي ڪارائتو عمل آھي، تنقيد جي رستا روڪ حقيت ۾ اسٽيٽسڪو کي ڄاڻي واڻي برقرار رکڻ آھي، جيڪا سياسي سماجي معاشي ۽ فڪري ترقي لاءِ زهر قاتل آھي،اسٽيٽس ڪو يعني جيئن زماني جو ڪاروهنوار هلي ٿو ان کي هلڻ ڏنو وڃي، غلط عمل ۽ روين جي نندا نه ڪجي، اهڙي قسم جي روش فسطائيت ۽ آمريتي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي.مخالف راءِ کي دٻائڻ ھيسائڻ جابراڻو  لقاءُ آهي،ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ تنقيد ۽ مخالف راءِ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي، ڇو ته تنقيد يا مخالف راءِ سماجي واڌ ويجھه لاءِ ڪرشماتي سگھه رکن ٿا. تنقيد کي جرم قرار ڏيڻ غير جمهوري طرز عمل آھي، ها اها ڳالھه پنهجي جاءِ تي ٺيڪ آھي ته تنقيد رڳو تنقيد ڪرڻ جي نيت سان نه هجي، يعني تنقيد جي آڙ ۾ احترام ۽ اخلاقيات جا ليڪا نه لتاڙيا وڃن يا قومي سلامتي ۽ وقار تي وار ڪيا وڃن. تنقيد کي ان دائري ۾ آڻڻ قطعي به درست عمل نه آهي بلڪه اهو قانوني ۽ اخلاقي ڏوھه آھي.تنقيد ڪندي عقل ۽دانش جي دامن کي نه ڇڏيو وڃي پر ان ڳالھين کي جواز ڄاڻائي تنقيد ڪرڻ ۽ سوال ڪرڻ کي جرم قرار ڏيڻ، جمهوريت تي راتاهو ۽ بنيادي انساني حق کسڻ برابر آھي.
ملڪ جي اها بدقسمتي آھي جو هتي حساب ڪتاب گهرڻ ۽ مخالف راءِ کي جرم تسليم ڪيو ويندو آھي، هتي ڪجھه امرن کي ڇڏي سڀ ادارا ۽ فرد مقدس هئڻ جو ملڪي ادارن کي تاثر ڏياريا ويندا آھن پر اهو ڇو وساريو ويندو آھي ته انهن ادارن کي انسانن ئي پنهنجي بهتري ۽ سلامتي لاءِ جوڙيو آھي ۽ انهن ادارن جي ملازمن کي به انسانن ئي ڀرتي ڪيو هوندو آھي، تنهن ڪري اهو عين ممڪن آھي ته اهي سدائين هر ڪم درست نه ڪندا هوندا. اهڙي موڙ تي انهن جي غلطي يا چڪ جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪا خطا ته نه آھي! ياانهن کان مالي حساب گهرڻ ڪو پاپ جو ڪم ته نه آھي! اهي ادارا ۽ انهن جا ملازم خدا جا نمائنده ته نه آھن جو انهن تي سوال اٿارڻ ڪو توهين جي زمري ۾ ٿي اچي. سوال کي جرم قرار ڏيڻ ڪنهن به جمهوري مھذب معاشري جي روش ٿي ئي نه ٿي سگهي! هي ڪهڙي قسم جون پابنديون زوري مڙھيون پيون وڃن ؟ اسان جي سماج کي ڪهڙي دڳ طرف ڌڪيو پيو وڃي! اسان جو اڄ جو معاشرو يورپ جي ان دور جي ياد پيو تازي ڪرائي، جڏهن بادشاهه سلامت پنهنجي هر عمل کي خدائي قرار ڏئي احتساب ۽ تنقيد تي پابنديون ۽ ڳريون سزائون مڙھي ڇڏيون هيون پر يورپ وارن خاص طور اتان جي قلمڪارن، دانشورن، سائنسدانن سياسي معاشي مفڪرن انهن سختين هوندي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو. انهن تي رياستي ادارن ظلم ستم ڪيا، ڪن کي جان جو نظرانو به ڏيڻو پيو پر انهن يورپ کي ان جهالت مان ڪڍي اڄ ترقي جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آھي. اسان وٽ اڄڪلھه ساڳيو لقاءَ آھي! سوال اٿارڻ پاپ ٿو سمجهيو وڃي!
هي ڳالھه ايڏي ڪا سادي به نه آھي، انهن روين ئي ماضي ۾ ملڪ کي وڏين مصيبتن ۾ وڌو هو، اڄ به اهڙين پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ انتشار آھي، معيشت تباهه برباد آھي. ملڪ تي هن وقت 90 ارب 12  ڪروڙ 40 لک ڊالر ٻاهرين ملڪن جو قرض آھي، بک، بدحالي، بيروزگاري عروج تي آھي پر ملڪ جي بجيٽ جو گهڻو حصو غير ترقياتي مد ۾ خرچ ڪيو ٿو وڃي، تعليم ،صحت لاءِ بجيٽ نه هئڻ برابررکي ٿي وڃي ۽ جڏهن سوال پڇجي ٿو ته ڏهاري قرار ڏنو ٿو وڃي! انصاف جي اها حالت آھي جو سالن کان ماڻهو در در جا ڌڪا ٿا کائين،  وڪيلن جون ڳريون فيون ادا ڪن، ڪلارڪن کي رشوت ڏين پر غريب بي سهارا ماڻھن کي انصاف نه ٿو ملي ۽ جڏهن ان نظام خلاف سوال اٿارجن ٿا ته مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو!
بدقسمتي سان هي رويا رڳو رياستي ادارن تائين محدود نه رهيا آھن پر اسان جي سماج جي مختلف شعبن ۾ گهڙي آيا آھن. ڪنهن سياسي سماجي ادبي فردن تي ڪا تنقيد ڪجي ٿي ته سندن سهولتڪار مڇرجي ٿا پون،مختلف الزامن، تهمتن سان نوازيو وڃي ٿو. تازو سائين امرجليل جي اشو تي ڪجھه اديبن، قلمڪارن حڪمران جماعت جي چيئرمين سان ملاقات تي تنقيد ٿي رهي آھي. ان  معاملي بابت ڪجھه  سياسي سماجي ادبي  ڌريون سخت رد عمل ڏئي رهيون آھن ته ڪجھه وري ان عمل جي ساراهه به ڪن پيا، اهي قلمڪار ۽ اديب ساراهه تي سرها پيا ٿين پر تنقيند تي ارها آھن. هر سماجي عمل تي سدائين مختلف رايا هوندا آھن، يڪسانيت سماج ۾ ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري مخالفن تي ڇوھه ڇنڊڻ ڪو تعميري عمل نه آھي. سوال اڀارڻ کي جرم نه سمجهيو وڃي. ڏسڻو اهو به آهي تي ان معاملي تي تنقيد ڪندڙ به رڳو هوا ۾ لٺيون ته نه ٿا هڻن. امر جليل صاحب جي تحفظ لاءِ  پوليس ايس پي، ڊي آئي جي،   آئي جي، ڪورٽن، ۽ انساني حقن جي ادارن کي تحفظ جي اپيل ڪري سگهجي پئي، اڃان به ضرورت پئجي رهي هئي ته سڀني سياسي پارٽين ۽ حڪمران پارٽيز سان ملي انهي معماملي تي ڳالهائجي ها پر صرف هڪ حڪمران ڌر جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي وئي جنهن ڪري تنقيد به سامهون آئي ڇو ته هي معاملو رڳو حفاظت ۽ هڪ پارٽي تيائين محدود نه هو،پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اها ملاقات ڪرڻ ئي غلط عمل هو. سماج جون قلمڪارن ۽ اديبن ۾ ڪي اميدون هونديون آھن. ماڻھو انهن کي پنهنجو آواز سمجهن ٿا ۽ جڏهن اديب ۽ قلمڪار ان پارٽي جي قيادت سان ملن ٿا جنهن 13 سالن کان سنڌ ۾ ڪا سٺي حڪمراني نه ڪئي آهي ته ماڻھن کي ڏک پهچي ٿو ۽ ان ڏک ۾ سوال ڪن ٿا ته اديب۽ قلمڪار رڳو ان پارٽي جي چيئرمين سان ڇو مليا؟ ۽ انهن جذبات ۾ اچي ڪا الزم تراشي به ڪئي هجي پر اديب ۽قلمڪارن کي گهرجي ته تنقيد کي ڏوهه نه سمجهن. انهن کي جيڪي بهتر لڳو انهن ڪيو ۽ ماڻھن کي اهو عمل پسند نه آيو ته انهن تنقيد ڪئي. ڏسجي ته ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف ۾ درست آھن پر ردعمل واري روين ۾ انتها پسندي تي هليا ويا آھن.
هاڻي جڏهن ان سڄي بحث کي سهيڙجي ته سوال اٿارڻ، احتساب ڪرڻ يا تنقيد کي ڏوھه قرار ڏيڻ معاشري جي سياسي سماجي معاشي ۽ ادبي پنڌ لاءِ تباهه ڪن آھي. هن عمل سان ڪو به معاشرو ترقي نه بلڪه تنزلي طرف ويندو. هي روش نه ته ڪا عقلي سائنس آھي نه ڪا وري جمهوري روش آھي. اسان کي سوال پڇڻ، احتساب ڪرڻ جي آبياري ڪرڻي پوندي، ان فڪري ڪاوشن سان ته هن جديد دنيا جي اڏاوت ٿي آھي، جيڪڏهن انسان سوال نه ڪن ها ته دنيا ۾ ڪي به ايجادون، نظريا، فڪر يا هيڏي ساري انساني ترقي نه ٿئي ها. تنهن ڪري سوال اٿارڻ کي ڏوھه تصور نه ڪيو وڃي، تنقيد تي پهرا نه لڳايا وڃن.  احتساب ڪرڻ وارن کي سزائن سان نه نوازيو وڃي، اسٽيٽسڪو کي زوري تسليم نه ڪرايو وڃي، سماج ۾ غلط کي غلط صحيح کي صحيح چوڻ واري رجحان کي هٿي ڏيڻي پوندي. ان ۾ ئي سماج جي ڀلائي آھي ۽ سماج ترقي جي گس تي هلي سگهندو، باقي تنقيد کي برداشت نه ڪرڻ ۽ ان کي جرم قرار ڏئي سزائون ڏيڻ آمريتي ۽ فسطائي روش آھي.