تم ڪوئي خُدا نهين!

0
214
ڪونهي داد درياهه ۾

اسان وٽ اضحيٰ واري عيد تي ننڍو وڏو چوپايو مال ۽ باقي ڏينهن ۾ ٻهراڙي هجي يا اسلام آباد عورت ئي گهڻي ڪُسبي آهي. پهرين قُرباني سان آسمان کي ۽ ٻي سان زمين جي ملڪيتي رشتن ۽ پنهنجي بيمار غيرت کي راضي رکبو آهي. عورتن جي ڪوس واري پدرشاهاڻي بربريت سان گڏ، ڪورونا وبا، لاڪ ڊائون، بيروزگاري، مهانگائي، قومي وسلين تي قبضو ۽ ڦُرلٽ، مقامي ماڻهن جي دربدري، سرحد توڙي ملڪ اندر وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ آخر ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن جو اغوا، مطلب ته توهان هن رياست توڙي نظام جي ڪهڙي ڪهڙي زحمتن کان انڪار ڪندا. سنڌي، بلوچ، پشتون، گلگتي ۽ تان جو پنجاب جو مذهبي سياسي ڪارڪن گُم، شيعه گُم، سرائيڪي وسيب ۾ سنڌو ڪناري رهندڙ ۽ مذهبي تنظيمن سان جُڙيل سُني گُم، ٿر ۽ ڪاڇي پاسي مقامي ماڻهو گُم، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا ۽ باقي سنڌ ۾ جيئي سنڌ سان جُڙيل توڙي ان سان همدردي رکندڙ نوجوان گُم، پورهيت گُم، پورهيت اڳواڻ گُم ، آئين گُم، انصاف گُم ۽ قانون گُم (2019ع ۾ جيڪڏهن 18 لک ڪيس پينڊنگ ۾ پيل هئا ته 2020 ع جي آخر تائين اهي گهٽجڻ بدران 21 لکن تائين وڌي ويا). سينگار نوناري جهڙا سياسي ڪارڪنَ ته پري جي ڳالهه پرڪجهه وقت اڳ ته سنڌ جي پوليس آئي جي کي پڻ اغوا ڪري گُم ڪيو ويو هو. سو هي سڀ ڪجهه طبقاتي قومي غلامي کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ٻُڌائي ؟ اهو ئي ته رياست اڃان به اوليتي بنيادن تي سيڪيورٽي جي بيانيي ۽ پاليسين تي هلي رهي آهي. تنهن ڪري اها هر وقت شڪ جي حالت ۽ نازڪ دور منجهان گذرندي آهي. جيئن سرمائيداراڻو نظام بحرانن ۾ جيئي ۽ پنهنجي موت طرف وڌي ٿو ، تيئن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي عوام سان جنگ واري حالت ۾ ئي جيئي ٿي. ٻين لفظن ۾ رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خود ڪارڻي (auto immune) بيماري لڳل آهي. هر سال ٽن هزارن کان مٿي ماڻهو (صرف ايڇ آر سي پي جا رپورٽ ٿيل ) کنڀي کڻي گم ڪيا وڃن ٿا جنهن منجهان گهڻا تڻا مهينن ۽ ڪي سالن پُڄاڻان ظاهر ٿين ٿا، ڪي ته ظاهر ئي نه ٿا ٿين ۽ ڪن جا لاش ملن ٿا، وري نوان ماڻهو کنڀجن ٿا ۽ ايئن اهو سلسلو جاري رهي ٿو. مثال طور 2011ع ۾ پنهنجي قيام کان ئي جبري گمشدگين بابت جانچ پڙتال ڪندڙ ڪميشن کي سنڌ صوبي مان 1643 ڪيس مليا، جنهن مان ادارو صرف 1029 ماڻهن جي خبر وٺي سگهيو (ٻين جي ته اڃان جانچ پڙتال ئي نه ٿي) انهن منجهان ظاهر ڪري آزاد ٿيندڙن کي ڇڏي ڪري 248 جيلن ۾، 55 ڄڻن جا لاش ۽ 37 ڄڻن کي خُفيه ڪيمپن منجهه ڄاڻايو ويو (HRCP2020).
ان رياستي ڏاڍ خلاف ملڪ ۾ علي وزير ۽ اختر مينگل جهڙن آڱرين تي ڳڻجندڙ پارليامينٽيرينس، ايڇ آر سي پي، عوامي ورڪرز پارٽي، سنڌ اندر سنڌ پروگريسو ڪاميٽي، وائس فار مسنگ پرسنس سميت ڪجهه مذهبي تنظيمون، فورم ۽ ڪڏهن ڪا ٻي پارٽي ڳالهائيندي ۽ جهيڙيندي رهندي آهي پر جبري گمشدگين واري سوال تي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي ڄڻ نانگ سراپي ويندو آهي. ڊاڪٽر علي احمد رند به پُڇيو ته پي پي ۽ بلاول ڀُٽو زرداري، سينگار نوناري بابت هڪ لفظ نه ٿا ڪُڇن. ڇا ماجرا آهي؟ سو ڌڻي کي به لکيوسين ته ‏ماجرا اها آهي ته سندن جمهوريت پسندي جا پويان پساهه آهن، عوام ڏانهن جوابدھي وارو وقت ويو، . هاڻ اِهي پاڻ کي پاڻ وڏن (ڳُجهي رياست) وٽ ئي جوابدهه سمجهندا آهن ۽ رياست وانگي “هلندي کي هلاءِ” واري ڪرت سان آهن. اها پنجاب ۽ سرائيڪي وسيب ۾ کڻي سينٽر ليفٽ سڏجي به پر جاگيردارن ۽ ملڪ رياض جهڙن سرمائيدارن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ جماعت جمهوري هجي، کوڙو ئي نه ٿو لڳي. پي پي بس سخت ساڄي ڌُر (جي ڊي اي ۽ مذهبي جماعتن) جي ڀيٽ ۾ نرم ٿي سگهي ٿي پر اها پوءِ به ساڄي ڌُر ئي آهي . ساڳي وقت اسان کي بلاول جي ڏوهاري خاموشي، آصف زرداري ۽ پي پي جي موقعي پرستي سميت هن نظام ۽ رياست تي پڻ سوال رکڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن ڏاهپ علم تائين، علم ڄاڻ تائين ۽ ڄاڻ انگ اکرن تائين ڪري پئي آهي، تيئن سياست جي عام شعور لاءِ سامراج جي تنقيد رياست، رياست جي تنقيد اسٽيبلشمينٽ، اسٽيبلشمينٽ واري تنقيد حڪومت ۽ حڪومت مٿان تنقيد آخر ۾ ڪجهه ماڻهن کي گار ڏيڻ تائين ڪريل آهي. توڻي جو ڪا به سنجيده ۽ فهميده ڳالهه شروع ماڻهن ۽ انگ اکرن کان ئي ٿيندي.. سو ڳالهه ڀلي کنڀي گم ڪيل سينگار جي هجي يا کنڀي گم ڪيلن جي انگ اکرن جي، يا وري بحريه ٽائون جي مالڪن (ملڪ رياض ۽ آصف زرداري) ۽ قبضي هيٺ آيل زمين جي ڊيٽا جي، پراها اِتي نه بيهڻ گهرجي. ڳالهه کي اِتي ئي بيهارڻ سان اسان پنهنجا سور سلي سگهون ٿا، باهه ڪڍي سگهون ٿا پر نه سور ختم ڪري سگهون ٿا ۽ نه باهه ماري سگهون ٿا. اسانجون انفرادي، صنفي، مذهبي ، قومي ۽ طبقاتي آزاديون هڪ ئي استحصالي، ڦورو ۽ ظالم نظام وٽ گروي آهن. جنهن جا مُنهن گهڻا پر ڌڙ هڪ آهي. جيڪا اسان عوام کي، منتشر رکي ڦُري به ٿي ته اسان منجهه پنهنجو خوف به اوتي ٿي. ڪو به استحصال، ظلم يا رياستي جبر، آرام سان تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن انهن جو خوف، اڻٽر لقاءُ طور ماڻهن جي اندر ۾ ويهي . جيئن اسان وٽ اڄڪلهه رياستي سينسرشپ سان گڏ ان کان تهان وڌيل سيلف سينسرشپ نظر ايندي رهي ٿي.
جين پال سارتر چيو هو ته سور هميشه برداشت جوڳو هوندو آهي، جيڪڏهن اسان اُن جي حدن کي پاڻ نفسياتي طور وڌايون نه ٿا. ساڳي ڳالهه پيدا ڪيل رياستي خوف بابت پڻ چئي سگهجي ٿي. جڏهن اسان پنهنجي دوستن، عزيزن ۽ تنظيمي ساٿين وچ ۾ ويهي رياست جي ظلم ۽ سماج مٿان ان جي ڳُجهن ادارن جي پڪڙ کي وڌائي چڙهائي نه به سهي پر صرف ان هڪ پاسي کي ئي اظهاريون ٿا ته اسان هڪ لحاظ کان سندن ئي ڪم ڪيون ٿا. هر دور جا حڪمران پنهنجي دولت، خوني لشڪرن،چونڪن تي پنهنجي قدآور مجسمن، مضبوط قلعن جي دهشت ۽ انيڪ ٻين اهڃاڻن سان عام ماڻهوءَ مٿان چڙهيا بيٺا رهيا هوندا آهن. نه صرف ايترو پر اُهي عوامي ثقافت ۽ مزاحمت جي علامتن کي ڀڃيندا، ٽوڙيندا ۽ ميساريندا آهن. جيئن تازو ڪنڌار ۾ طالبان خاشازوان سميت انيڪ فنڪارن جي تذليل ڪري کين قتل ڪيو . ساڳي وقت ڪنهن سڄاڻ سياسي توڙي سماجي ماڻهوءُ وٽان صرف ان ڏاڍ ۽ جبر جو ئي ذڪر شد مد سان ڪرڻ ايئن آهي، جيئن ڪو ڊاڪٽر زور ڏئي مريض کي صرف کيس بيماريون ٻُڌائي ۽ علاج يا ته ٻُڌائي نه يا وري جهيڻي آواز ۾ ٻُڌائي. سُڄاڻ ماڻهو ۽ عوامي سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اسان کي بيمارين سان گڏ علاج ۽ پرهيز به اوتري وڏي آواز ۾ ٻُڌائڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾ رياستي ڏاڍ ۽ سماج تي اُن (ڳُجهن ادارن) جي سياسي پڪڙ ۽ سماجي دهشتگردي جي مختلف صورتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان گڏ لازمي ذڪر عوامي تاريخ، طاقت، سچ ۽ مزاحمت جي موجود امڪانن جو به ٿيڻ گهرجي. اسان کي ٻُڌائڻ گهرجي ته هو ڪنهن فنڪار کي کنڀي کڻي ماري سگهن ٿا پر فن سندن هٿان مري نه ٿو سگهي. اُٽلندو فن پاڻ هر قسم جي رجعت پسندي، لبرل انتهاپسندي ۽ مذهبي تنگ نظري جو موت آهي. هو سينگار کي کنڀي کڻي گم ڪري سگهن ٿا پر هو ڪنهن تحريڪ کي ۽ ان تبديلي کي کنڀي کڻي گم نه ٿا ڪري سگهن جنهن جو تاريخي طور وقت اچي چُڪو هوندو آهي.
اڄ 35هون ڏينهن آهي، ڪامريڊ سنيگار جو ڪو به رسمي ڏس پتو ڪونهي. ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ٻُڌڻيون به ٿي چڪيون آهن. سندس شهر پهرين ڏينهن کان مستقل احتجاج ۾ آهي. سندس پارٽي جا ڪمٽيڊ ڪارڪن، بهادر همدرد، باهمت خاندان وارا، مختلف سياسي سماجي تنظيمون ۽ شهر توڙي تر جا پورهيت مرد توڙي عورتون، مزاحمت جي هڪ نئين تاريخ کي رقم ڪري رهيون آهن. انهن ئي 18هين جولاءِ تي جبري گمشدگين خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي اعلانيل هزارين ماڻهن جي عوامي مارچ جي ميزباني ڪئي. اهي سينگار سان گڏ آهن ۽ انهن سان گڏ سنڌ توڙي ملڪ جي حقيقي جمهوري قوتون، عوامي سياست ۽ مزاحمتي شعور آهي. سينگار جي پنڌ تي هلندي ۽ سينگار جي گُهر ڪندي، هي مُلڪ سڄو سينگارجندو پيو وڃي ۽ تهان سينگاربو پيو رهبو. اهو دُرست آهي ته هٿيار جي عملي تنقيد جو مقابلو هٿيار تي صرف فڪري تنقيد سان نه ٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري اسان گرامچي جي ٻولي ۾ ۽ انقلابي عمل جي تياري واري هن مرحلي دوران ڳائيندا، کِلندا، سائنس ۽ دنيا جا علم پڙهندا، فن ۽ عشق جي چيچ جهليندا، پورهيت عوام کي بنا ڪنهن نسلي يا فرقيواراڻي تفريق جي هڪ ۽ منظم ڪندا،کاٻي ڌُر جي اتحاد کي وسيع ڪندا، انصاف، آزادي ۽ برابري لاءِ پنهنجي پُرامن جدوجهد کي جاري رکنداسين. تان جو اسانجو عددي ۽ منظم انگ سندن هٿياربندن کان گهڻو ٿي ويندو . وفاقي صدر ڪامريڊ يوسف مستي خان ته چئي چڪو “ماءُ ڌرتي ٿيندي آهي رياست نه. اها ته عوام ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو آهي.اسان کي سينگار واپس ڪيو نه ته اسان اوهان نام نهاد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مُک در تي اچي ويهنداسين.” ۽ نه وساريون ته پاڻ ڀاڳيا آهيون ۽ هو چور آهن. جاڳڻو ٻنهي کي پوندو پر چور جي خوف کي چور وٽ ئي رهڻ ڏيون ته ڀلو.
منزلين نهين تو ڪيا حوصلي تو پاس هين
ڪهدو ناخُدائون سي تم ڪوئي خُدا نهين