تلهار(ن پ ا) تلهار تعلقي ۾ 7سال اڳ اڳوڻي مختيار ڪار جي رهائش گاه تي سڙيل چئن ديهن جو رڪارڊ تاحال بحال ٿي نه سگهيو آهي، شھر جي 4وارڊن جو 50سال پراڻو رڪارڊ رات پيٽ اندر تبديل ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن جا نوان مالڪ ظاهر ٿيا آهن. روينيو رڪارڊ آفيسرن جي ذاتي رهائش گاهن تي رکيل  هجي ٿو، جتي پرائيويٽ ايجنٽن معرفت زرعي زمينن جو  سيل سرٽفڪيٽ في گهنٽو هڪ هزار، داخلا في ايڪڙ 20هزار، فوتي کاتو 30هزار، بئنڪ گروي رکرائڻ 20هزار، گروي لهرائڻ 20هزار، زرعي زمينن کي پلاٽن ۾ تبديل ڪرڻ في فٽ 200روپيا، زمين جي قانوني ماپ في ايڪڙ 5000هزار ريٽ مقرر ڪيو ويو آھي، رهواسين موجب سموريون تقاضائون پوريون ڪرڻ بعد آفيسر فرمائش ٿا ڪن ته ايم پي اي يا ان جي ڪنهن ويجهي ماڻهون کان فون ڪرائي. هتان جي مقامي زميندارن رشيد شيخ، مسمات صاحبه زادي، گل محمد ساند ۽ ٻين چيو ته اسان هن اداري کان سخت مايوس ٿي چڪا آھيون سال گذري وياآھن چڪر لڳائي هزارين روپيا رشوت پڻ ڏيئي چڪا آھيون پر ڪم نٿا ٿين. هنن چيو ته حڪومت کي اپيل آھي ته عوام تي رحم ڪري.