تلھار (ن پ ا) تلهار شهر جي وارڊ 3 ۾ جهانداد خان پٺاڻ جو ٻن سالن جو معصوم نينگر آصف پٺاڻ گهر جي اڳيان راند ڪندي گٽر نالي ۾ ڪِري موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. نينگر جي چاچي محمد الياس پٺاڻ ٻڌايو ته نينگر گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ راند ڪندي نالي ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿيو آهي.