تلهار (ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پاران تلهار تعلقي اندر هلندڙ منشيات خلاف لڳل  علامتي بک ھڙتال جي ڪئمپ کي ايس ٽي پي ضلعي صدر راجا خواجا ڪارڪنن کي جوس پياري ختم ڪرائي ڇڏيو، راجا خواجا ۽ مظھر حسين ڪهيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي پروگرام مطابق پهرين مرحلي اندر بک هڙتال جي ڪئمپ بعد ايندڙ مرحلي م آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائينداسين. جنهن م تمام مقاطب فڪر جا اڳواڻ،سول سوسائيٽي جا ماڻھون،واپاري شامل ڪري ايندڙ لائحه عمل جوڙينداسين ڇو جو موجوده ايس ايڇ او ۽ ان جو عملو منشيات جي مڪمل  خاتمي لاء ڪوشان ناهن،ايس ايڇ او سعيد چنا اگر پنهنجي قول م سچو هجي ها ته بدين ضلعي اندر آئي جي سنڌ پاران پڌري ڪيل لسٽ اندر سڀ کان وڌ تلهار پوليس وارا منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث نه پڌرا ٿين ها جيڪي هن ايس ايڇ او جا کاٽائون آھن ان کان علاوه هي ايس ايڇ او، ايس پي صاحب وٽ ھڪ نجي بئنڪ مئنيجر کان ڳري رشوت وٺڻ سبب ڏوهاري نڪتو آھي. ان جي باوجود هن خلاف قانوني ڪاروائي جو ن ٿيڻ جو آخر ڪهڙو جواز آھي.اسان جلد تلهار پوليس خلاف ڀرپور احتجاجي مهم شروع ڪنداسين،جيستائين تلهار تعلقي سميت بدين ضلعي مان منشيات جي لانت جو خاتمون نٿو ٿئي.