تلهار(ن پ ا) تلهار جي  سينئر صحافي اظهر حسين شاد جو نوجوان پٽ  16سالا غلام حسين شاد علم پاڪ جو ڪم ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي شھرين طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو  ويو جتي هو  فوت ٿي ويو. فوتي کي ضروري قانوني  ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. نوجوان گذريل سال محرم ۾ علم پاڪ مٿان ڪرڻ سبب سخت زخمي پڻ  ٿيو هو  نوجوان جي فوت ٿيڻ  جي خبر پوڻ سبب وارثن کي بيھوشي جا دؤرا پڻ پئجي ويا.